Home / شوبز / مردان ۾ اسٽيج اداڪارا گلالئي وحشياڻي تشدد کان پوءِ قتل

مردان ۾ اسٽيج اداڪارا گلالئي وحشياڻي تشدد کان پوءِ قتل

مردان (شوبز نيوز)مشهور اسٽيج اداڪارا گلالئي کي نامعلوم ماڻهن وحشياڻي تشدد کان پوءِ بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ڪي پي جي ضلعي مردان جي ٿاڻي چوره جي حد مان هٿ آيل نامعلو عورت جي لاش جي سڃاڻپ پشتو جي اسٽيج اداڪارا گلالئي جي نالي ٿي آهي، مردان ۾ اسٽيج ڊرامن جي خوبصورت اداڪارا گلالئي کي گذريل ڏينهن اڻڄاتل ماڻهن وحشياڻي تشدد کان پوءِ قتل ڪيو هو. اداڪارا ان ڏينهن ۾ پنهنجي ٻن مهينن جي پُٽ سان مردان ۾ رهائش هيٺ هئي. ان جي قتل تي مقامي فنڪارن ڏک جو اظهار ڪندي صوبائي حڪومت کان قاتل جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. اداڪارا گلالئي جي قتل جو ڪيس ان جي والد جي درخواست تي داخل ڪيو آهي جنهن ۾ اداڪارا جو نالو گلالئي جي جاءِ لبني لکيو ويو آهي جڏهن ته اداڪارا جو مڙس عمران واقعي کان پوءِ روپوش آهي. پوليس موجب 3 ڄڻن تي دعويٰ داري ڪئي جنهن جي جاچ جو آغاز ڪيو ويو و آهي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عدنان سميع جو به ٽوئٽر اڪائونٽ هيڪ: وزيراعظم عمران خان جي تصوير لڳائي وئي

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪار اميتاب بچن جي ٽوئٽر اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ کان پوءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے