Home / رانديون / پاڪ ڀارت مقابلو: پاڪستاني ٽيم چيمپينز ٽرافي جي يادن سان گڏ ميدان ۾ لهندي: عاقب جاويد

پاڪ ڀارت مقابلو: پاڪستاني ٽيم چيمپينز ٽرافي جي يادن سان گڏ ميدان ۾ لهندي: عاقب جاويد

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عاقب جاويد ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت ميچ جي لاءِ قومي ٽيم کي چيمپينز ٽرافي جي خوشگوار يادن سان گڏ ميدان ۾ لهڻ جو مشورو ڏنو آهي. ورلڊ ڪپ شروع ٿيندي جيڪڏهن ڪنهن ميچ جو شدت سان انتظار هوندو آهي ته اها پاڪ ڀارت ميچ هوندي آهي ۽ هن دفعي هر پاسي پاڪ ڀارت ميچ جا چرچا آهن جيڪا 16 جون تي مانچسٽر جي اولڊ ٽريفورڊ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي. ان سلسلي ۾ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عاقب جاويد ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي جون خوشگوار يادن سان ميدان تي لهڻ جو مشورو ڏنوآهي. هڪ انٽرويو دوران عاقب جاويد چيو ته شارجه ۾ اسان کٽيندا هئاسين پر عالمي ڪپ ۾ هارائي ويندا هئاسين، هاڻ جيئن ورلڊ ڪپ ميچ ايندي آهي ته اسان چوندا آهيون ته هتي ته هارائڻو ئي آهي، هاڻ اسان کي اها سوچ بدلائڻي آهي تنهنڪري هن دفعي ڪجهه الڳ ڪريو. عاقب جاويد پنهنجي ذاتي تجربو ٻڌائيندي چيو ته ڀارت خلاف هارائڻ کان پوءِ هيرو مان زيرو ته ٿيندا آهيون پر ڏکيائيون پڻ وڌي وينديون آهن، مون کي ياد آهي ته ڀارت خلاف  1996ع  جي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي شڪست ٿي ۽ جڏهن ڀارت مان واپس وطن موٽياسين ته تلخ تجربي کي منهن ڏنوسين، آئون 2 مهينن تائين گهر کان ٻاهر نه نڪري سگهيس، ٽماٽن ۽ گندن آنن سان حملا ڪيا ويا، تنهنڪري ڀارت خلاف ڪاميابي ضروري آهي. اڳوڻي ڪرڪيٽر رانديگرن کي صلاح ڏيندي چيو ته ان خوف سان ميدان ۾ نه لهو ته هارائڻو ئي آهي، چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستاني ٽيم فائينل ۾ ڀارتي کي هارايو ۽ رانديگرن ان ئي خوشگوار يادن سان ميدان تي لهن، اهو به ذهن ۾ رکو ته شيکر ڌون جي نه هئڻ سان ڀارت تي فرق پوندو هو دٻاءُ ۾ هوندا تنهنڪري ان مان فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪريو. هن چيو ته ڀارت جون پهرين پنجن اوورن ۾ ٻه وڪيٽون وٺڻيون آهن، شروع ۾ آئوٽ ڪنداسين ته ڀارت کان کٽي سگهون ٿا، انگلينڊ ۾ ئي پاڪستان ٻه سال پهريان ڪاميابي حاصل ڪئي، اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي، هاڪاري سوچ رکو ۽ هاڪاري نتيجو ڪڍو. اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عاقب جاويد پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن کي مشورو ڏنو ته ڪوشش ڪريو ته سوشل ميڊيا کان پري رهو، بنا سبب سوشل ميڊيا تي تبصرا پڙهڻ سان دماغ ابتو سوچيندو آهي، گهر وارن، دوستن ۽ عزيزن سان گهٽ ڳالهايو ڇاڪاڻ ته ميچ تي ڳالهائڻ سان دٻاءُ وڌندو آهي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان سريلنڪا سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين: پي سي بي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جي بيان جي رد عمل ۾ چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے