نڪور خبرون
Home / سنڌ / جعلي اڪائونٽس ڪيس،انور مجيد جي هڪ وڌيڪ پٽ سميت 3 جوابدار گرفتار

جعلي اڪائونٽس ڪيس،انور مجيد جي هڪ وڌيڪ پٽ سميت 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد جي هڪ وڌيڪ پٽ سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ وڌيڪ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. گرفتار جوابدارن ۾ انور مجيد جو پٽ ذوالقرنين مجيد، انور مجيد جو ويجهو عزيز خواجه سلمان يونس ۽ اومني گروپ جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ملڪ عبدالوحيد شامل آهن. نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار ٽنهي جوابدارن کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ جي درخواست ڪئي.  عدالت جوابدارن کي چئن ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي ڪري چئن ڏينهن اندر لاڳاپيل عدالت اندر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  ذوالقرنين مجيد نيب تي تشدد جو الزام هنيو جنهن تي عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ذوالفقار مجيد جو طبي معائنو ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے