Home / پاڪستان / گرفتاريون سياسي انتقام آهي، اربين جي رپين جو الزام لڳايو ويو: فريال ٽالپر

گرفتاريون سياسي انتقام آهي، اربين جي رپين جو الزام لڳايو ويو: فريال ٽالپر

اسلام آباد (م ڊ ) اسلام آباد احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي 9 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي. نيب جي ٽيم  فريال ٽالپر کي اسلام آباد ۾ سب جيل قرار ڏنل سندس رهائشگاهه مان جيل لاءِ رواني ٿي ته پ پ ڪارڪنن سندس گاڏيءَ جو گهيراءُ ڪيو ۽ نيب خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي پوليس جي وڏي نفري ڪارڪنن کي پوئتي ڌڪي گاڏي کي اڳتي روانو ڪيو.  نيب فريال ٽالپر کي  اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي عدالت ۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر پنهنجي دليل ۾ چيو ته فريال ٽالپر جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ نامزد آهي، سندس ريفرنس ۾مرڪزي ڪردار آهي، زرداري گروپ جي اڪائونٽن ۾ اربين رپين جي مشڪوڪ ٽرانزيڪشن ٿي، زرداري گروپ جو اڪائونٽ فريال ٽالپر آپريٽ ڪندي آهي، اڪائونٽ ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس سان رقم منتقل ٿي. نيب پراسڪيوٽر چيو ته رقم فريال ٽالپر جي صحيح سان اويس مظفر جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي، فريال ٽالپر زرداري گروپ جي ڊائريڪٽر آهي.  نيب پراسڪيوٽر طرفان فريال ٽالپر جي 14 ڏينهن جي رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي پر عدالت نيب جي 14ڏينهن جي رمانڊ جي درخواست رد ڪندي فريال ٽالپر جو 9 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس نيب حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت فريال ٽالپر کي 24 جون تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر چيو آهي ته سڀني کي خبر آهي ته هي سياسي گرفتاريون آهن، پنهنجو پاڻ کي الله جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، مشرف جي دور ۾ به برداشت ڪيو، منهنجي لاءِ ڪو مسئلو ناهي، مان بي ڏوهي آهيان. احتساب عدالت ۾ پيشيءَ وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي فريال ٽالپر چيو ته سڀني کي خبر آهي ته هي سياسي گرفتاريون آهن، پنهنجو پاڻ کي الله حوالي ڪيو آهي، الله خيرڪندو.  صحافي سوال ڪيو ته عدالتن مان احتساب تي توهان کي ڪو اعتراض ته ناهي ته فريال ٽالپر چيو ته سياسي ڪارڪن آهيان، مان پهريون به اهو سڀ ڪجهه ڏٺو آهي، پهريون منهنجي والد، ڀاءُ ۽ منهنجي مڙس جيل ڀوڳيو آهي. هن چيو ته مان سياست ڪئي آهي، مشرف جي دور ۾ به اهو برداشت ڪيو، منهنجي لاءِ اهو ڪو مسئلو ناهي، مان بي ڏوهي آهيان، مون تي رڳو ڏيڍ ڪروڙ جو الزام هنيو ويو، اربين رپيه ڪٿي آهن. صحافي سوال ڪيو ته توهان جا پراڊڪشن آرڊر جلد جاري ٿيندا ته پ پ اڳواڻ جواب ڏنو ته جيڪا قانون جي گهرج آهي اهو منهنجو حق آهي جنهن کي استعمال ڪنديس.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے