Home / پاڪستان / نيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف جي درخواست خلاف جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

نيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف جي درخواست خلاف جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ ) نيب نواز شريف جي سزا معطلي واري درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي. نيب نواز شريف  جي سزا معطلي واري درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو آهي جيڪو نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي جمع ڪرايو، عدالت جواب داخل نه ٿيڻ تي گذريل ٻڌڻي تي نيب اختيارين کي ڇنڊ پٽي هئي. نيب 12 صحفن تي ٻڌل جواب ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته احتساب عدالت سمورن ثبوتن جو جائزو وٺڻ  کان پوءِ نواز شريف کي 7 ورهيه قيد جي سزا ٻڌائي، نواز شريف سزا ماڻيل ڏوهاري آهي، کيس سزا معطل ڪري ضمانت تي آزاد نٿو ڪري سگهجي. نيب پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو  ته العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيل به ٻڌڻي هيٺ آهي، سزا خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر هجي ته پوءِ سزا معطلي واري درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي هوندي. نيب پنهنجي جواب ۾ آگاهه ڪيو آهي ته ميڊيڪل رپورٽن ۾ نواز شريف جي ترت سرجري جي سفارش ناهي ڪئي وئي، سندس صحت ڳڻتي جوڳي ناهي ۽ ميڊيڪل رپورٽن موجب نواز شريف جي حياتي کي ڪو به خطرو ناهي، سندس سزا معطلي واري درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي جيڪا خارج ڪئي وڃي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سزا معطلي جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 19 جون تي ٻڌڻي ٿيندي، نيب پنهنجي تحريري جواب جي ايڊوانس ڪاپي نواز شريف جي وڪيلن ڏانهن به ڏياري موڪلي آهي. واضح رهي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے