Home / سنڌ / وفاقي بجيٽ عوام دشمن، غريب دشمن ۽ وفاق دشمن آهي، غريبن لاءِ ڪابه شئي سستي نه ڪئي وئي آهي: مولا بخش چانڊيو

وفاقي بجيٽ عوام دشمن، غريب دشمن ۽ وفاق دشمن آهي، غريبن لاءِ ڪابه شئي سستي نه ڪئي وئي آهي: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد )بيورو ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولابخش چانڊيو حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ٻارٻار کي خبر آهي ته ڪراچي ۾ توهان کي سيٽون ڪيئن مليون آهن، توهان ادارن کي شڪي بڻائي ڇڏيو آهي، توهان هر قومي اداري جي سڃاڻپ خراب ڪري ڇڏي آهي، هاڻ انهن ادارن کي پنهنجو وقار بحال ڪرائڻو پوندو. پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته خان صاحب! توهان خلاف ڪا ٻي تحريڪ هلائڻ جي ضرورت ئي ناهي، توهان چوندئو سڀاڻي سج نه نڪرندو توهان جي وزير چوڻ شروع ڪندا ته سڀاڻي سج نه نڪرندو، توهان اولهه جو روايتون پسند آهن ته پوءِ توهان ٻڌايو نه ته توهان کي ڇا گهرجي. جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ فريال ٽالپر جي گرفتاري تي ڳالهائيندي هن چيو ته  فريال ٽالپر ڀڄي نه رهي هئي، توهان کيس گرفتار ڪيو آهي، سڄي سنڌ توهان جي ان حرڪت تي ناراض آهي، اهو سٺو نه ڪيو اٿوَ. بجيٽ بابت سندس چوڻ هو ته هي ڪهڙي قسم جي بجيٽ ڏني وئي آهي، ڪهڙي شيءَ سستي ڪئي وئي، بجيٽ عوام دشمن، غريب دشمن ۽ وفاق دشمن آهي. هن چيو ته امير طبقي کي ته توهان ڏسندا ناهيو، وڏو شوق آهي ته توهان کي ماڻهن کي ٽئڪس ۾ آڻڻ جو ، جڏهن توهان تي ڏکيائيون اينديون ته توهان پويان ڪير نه ايندو. هن وڌيڪ چيو ته آئون نٿو چاهيان ته توهان جي گهروارا جيلن جي اڳيان بيٺل هجن، توهان احتساب ضرور ڪريو، پر احتساب جي نالي تي انتقام برداشت نٿو ڪري سگهجي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے