Home / سنڌ / لاڙڪاڻي جي ٻارن کي ايڊز نه ايڇ آءِ وي آهي: عذرا پيچوهو

لاڙڪاڻي جي ٻارن کي ايڊز نه ايڇ آءِ وي آهي: عذرا پيچوهو

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سنڌ جي صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته صحت کاتي ۾ هيلپ لائن جيان هڪ اينڊرائيڊ سسٽم تي ڪم ٿي رهيو آهي جتي شهري پنهنجون شڪايتون داخل ڪري سگهندا ۽ انهن جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪيو ويندو. سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران ميمبرن جي مختلف لکت ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي صحت واري وزير جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻي ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي معاملي کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي اهو خالص انساني زندگين جو معاملو آهي اها وبا صرف لاڙڪاڻي نه پوري ملڪ ۾ موجود آهي انگ اکر ٻڌائينداسين ته حيرت ٿيندي. عذرا فضل پيچوهو ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ايڊز نه ايڇ آءِ وي آهي اسان اسڪريننگ ڪري رهيا آهيون پنجاب ۾ اسڪريننگ ڪرائي وڃي ته گهڻا ماڻهو مريض نڪرندا سنڌ حڪومت پنهنجي انگن اکرن موجب معاملي کي ڏسي رهي آهي صحت کاتي جون ٽيمون گرائونڊ تي موجود آهن خدارا ان معاملي تي سياست کان پاسو ڪيو وڃي هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ايڇ آءِ وي ايڊز جي ايشو  تي سنڌ حڪومت جي مدد بدران ان ايشو تي سياست ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال تي صحت واري وزير چيو ته سرڪاري اسپتالن کي ڏنل دوائن تي به مد جي تاريخ داخل هوندي آهي اسپتالن ۾ ايڪسپائر دوائن جي استعمال جي خبرن ۾ ڪابه سچائي ناهي لاڙڪاڻي، ڪنڌڪوٽ جي اسپتال ۾ هڪ ايڪسري مشين خراب آهي جڏهن ته هڪ درست حالت ۾ آهي وينٽيليٽرز به گهرايا پيا وڃن وينٽي ليٽرز هر ڊاڪٽر آپريٽ نه ٿو ڪري سگهي ان جي لاءِ تربيتي ڪورس به ڪرائي رهيا آهيون.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان معاشي جاگرافيات کي مٽجندي ڏسي رهيا آهيون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (مانتيڙنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے