Home / رانديون / ڀارت خلاف ميچ ۾ شعيب ملڪ کي ڊراپ ڪيو وڃي

ڀارت خلاف ميچ ۾ شعيب ملڪ کي ڊراپ ڪيو وڃي

مانچسٽر ( اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر وقار يونس شعيب ملڪ کي ڊراپ ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو جڏهن ته سندس چوڻ هو ته روايتي مخالف ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستان کي چئن پيسرن ۽ اسپنر شاداب خان سان گڏ ميدان تي لهڻ گهرجي.  آءِ سي سي لاءِ پنهنجي ڪالم ۾ وقار يونس لکيو آهي ته ڀارت خلاف ميچ ۾ گرين شرٽس کي پنهنجي بهترين صلاحيتن جواستعمال ڪرڻو پوندو.  وقار يونس جو چوڻ آهي ته منهنجي خيال ۾ پاڪستان کي چئن فاسٽ بالرن ۽ هڪ اسپنر سان ميدان تي لهڻ گهرجي، ان لاءِ شعيب ملڪ کي ڊراپ ڪري سگهجي ٿو، بيٽسمين ڪوشش ڪن ته اهڙا اسٽروڪ نه کيڏن جو بال سڌو فيلڊرن جي هٿن ۾ وڃي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پيئڻ جي پاڻي سان گاڏي ڌوئڻ تي ويرات ڪوهلي تي ڏنڊ

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي تي پيئڻ جي پاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے