نڪور خبرون
Home / پاڪستان / آصف زرداري عمران کي گهر وڃڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

آصف زرداري عمران کي گهر وڃڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري وزيراعظم عمران خان کي استعيفيٰ ڏئي گهر وڃن جو مشورو ڏئي ڇڏيو. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آصف زرداري چيو ته عمران خان جيڪڏهن ملڪي قرضن جي حوالي سان 1947ع کان ڪميشن نه ٿو ٺاهڻ چاهي ته گذريل 20 سالن جي ته ٺاهي ۽ جيڪڏهن عمران خان پهريان وارن جا پٽڪا نه ٿو لاهڻ چاهي ته مشرف جي دور کان شروعات ڪري. آصف زرداري چيو ته عمران خان ڪيئن چيو ته ملڪ مستحڪم ٿي ويو؟ ڇا ماڻهن جون پگهارون وڌي ويون آهن؟ منهنجي ودر ۾ ته سڀني جون پگهارون وڌنديون هيون، عمران خان ڪجهه به چوندو رهي ٿو. آصف زرداري چيو ته پهريان عمران خان چيو هو ته پاڻ کي گولي هڻي ڇڏيندس سياست ۾ نه ويندس، پوءِ چيو خودڪشي ڪري ڇڏيندس آءِ ايم ايف نه ويندس، عمران خان جيڪڏهن منهنجو مشُرو مڃي ته استعيفيٰ ڏئي ۽ گهر وڃي. بجيٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته بجيٽ جي منظوري جو دارومدار اختر مينگل تي آهي هو ڪٿي ويهي ٿو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

زردارتي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، وڌيڪ ريل گاڏيون هلائيندس: شيخ رشيد

ڪراچي)مانيٽرنگ ڊيسڪ) شيخ رشيد چيو آهي ته زرداري پنهنجي ٻچي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے