نڪور خبرون
Home / پاڪستان / مهانگائي ماريل عوام کي ڪرنٽ، بجلي في يونٽ هڪ رپيو 49 پيسا مهانگي

مهانگائي ماريل عوام کي ڪرنٽ، بجلي في يونٽ هڪ رپيو 49 پيسا مهانگي

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي في يونٽ بجلي هڪ روپيو 49 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيپرا بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري جولاءِ کان ڊسمبر تائين 2 ڇهه ماهين جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي. بجلي مهانگي ڪرڻ جو عمل ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ پوري ملڪ جي سمورين ورهاڱي وارين ڪمپنين تي ٿيندو. بجلي مهانگي ڪرڻ سان گهريلو، ڪمرشل، صنعتي ۽ زرعي واهپيدارن تي 189 ارب 63 ڪروڙ روپين جو واڌو وزن پوندو. نيپرا آخري ڀيرو 4 اپريل تي بجلي جي قيمت ۾ 81 پئسا واڌ جي منظوري ڏني ۽ ان ئي مهيني جي 24 تاريخ تي 4 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي به منظوري ڏني هئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے