نڪور خبرون
Home / پاڪستان / خانگي طور ڪو ماڻهو ڪم ڪري ٿوته ڪو ڏوهه نه آهي: سپريم ڪورٽ

خانگي طور ڪو ماڻهو ڪم ڪري ٿوته ڪو ڏوهه نه آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته ڪنهن جي پارٽي هئڻ ڪو ڏوهه ناهي، جيڪڏهن خانگي طور ڪو شخص پنهنجو ڪم ڪري ٿو ته اهو ڪو ڏوهه ناهي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ سوئي ناردرن جي سب انجنيئر آصف محمود جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي جوابدار جي بريت خلاف نيب جي اپيل خارج ڪري ڇڏي. ٽرائل ڪورٽ آصف محمود کي ست سال قيد جي سزا ٻڌائي پر هاءِ ڪورٽ آصف محمود کي بري ڪيو.  چيف جسٽس آصف سعيد کوسا نيب جي وڪيل کي چيو ته توهان آصف محمود خلاف سنگين الزام هنيا، توهان وت ان جو ڪهڙو ثبوت آهي. نيب جي وڪيل ٻڌايو ته سب انجنيئر آصف مهمود جي پگهار پنج هزار رپيه هئي، سندس ذاتي پلازه ۽ ملڪيت هئي، اسان سندس سموري ملڪيت جا تفصيل پيش ڪيا آهن. چيف جسٽس چيو ته ڪنهن جي پراپرٽي هئڻ ڪو ڏوهه ناهي، توهان ڪيئن ثابت ڪيو ته هن ڪرپشن ڪئي آهي، توهان پراپرٽي جا تفصيل ٻڌايا پر ڪرپشن جو ڪو ثبوت پيش نه ڪيو آهي، اسان کي ڏسڻو آهي ته ڇا هن سروس ۾ اچڻ کانپوءِ پلازه قائم ڪيو.  نيب جي وڪيل چيو ته جوابدار جو چوڻ آهي ته هو نوڪري سان گڏ پراپرٽي جو ڪم به ڪندو هو. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته بل گيٽس پنهنجي هٿ سان ڪاروبار شروع ڪيو اڄ دنيا جو امير ماڻهو آهي، خانگي طور جيڪڏهن ڪو ڪاروبار ڪري ٿو ته اهو ڪو ڏوهه ناهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے