نڪور خبرون
Home / پاڪستان / مخالف ڌر پنهنجو رويو ٺيڪ ڪري ته مسئلا حل ٿي ويندا: وزير فواد چوڌري
---

مخالف ڌر پنهنجو رويو ٺيڪ ڪري ته مسئلا حل ٿي ويندا: وزير فواد چوڌري

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته لنڊن مان هاڪاري خبرون اچي رهيون آهن، اسحاق ڊار، حسن نواز ۽ حسن نواز جي ملڪ بدري جي ڪارروائي جلد شروع ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ مارشل لا جو ڪو به امڪان ناهي. پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته  ٻنهي پارٽين جا پاپا جيل ۾ آهن، آصف زرداري وفاق جا پئسا سنڌ ۽ اتان پرڏيهه موڪليا، جاچ کان بچڻ لاءِ اسيمبلي کي استعمال ڪيو پيو وڃي، پاپائن کي جيل مان ڪڍڻ لاءِ اسيمبلين کي استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته عمران خان خلاف نواز شريف جي دور ۾ جاچ ٿي، عمران خان کي سپريم ڪورٽ ڪلين چٽ ڏني، اسپيڪر قومي اسيمبلي پراڊڪشن آرڊر لاءِ قانون واري وزارت کان راءِ طلب ڪئي آهي. فواد چوڌري چيو ته مخالف ڌر پنهنجو رويو ٺيڪ ڪري ته مسئلا حل ٿي ويندا، برطانيا سان جوابدارن جي حوالگي لاءِ هاڪاري ڳالهيون ٿيون آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

زردارتي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، وڌيڪ ريل گاڏيون هلائيندس: شيخ رشيد

ڪراچي)مانيٽرنگ ڊيسڪ) شيخ رشيد چيو آهي ته زرداري پنهنجي ٻچي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے