Home / رانديون / پاڪستان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي: ايرون فنچ

پاڪستان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي: ايرون فنچ

ٽائونٽن (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ايرون فنچ چيو آهي ته پاڪستاني دوري جي حوالي سان فيصلو مون کي نه بورڊ کي ڪرڻو آهي پر جڏهن به موقعو مليو ته پاڪستان وڃي ضرور کيڏڻ چاهيندس. ٽائونٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آسٽريلوي ڪپتان پاڪستان کي هڪ خطرناڪ ٽيم قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي، پاڪستان آءِ سي سي ايونٽس ۾ سدائين ڏکيو مخالف ثابت ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته اها ڳالهه درست آهي ته آسٽريليا يو اي اِي ۾ پاڪستان کي شڪست ڏني پر ان ٽيم ۾ وهاب رياض، حسن علي ۽ شادان خان نه هئا، محمد عامر به هاڻي فارم ۾ اچي ويو آهي، جڏهن ته نمبر ٽئين تي بابر اعظم به سٺو کيڏي رهيو آهي.آسٽريلوي اوپنر چيو ته اسان ميچ لاءِ پنجاهه اوورن جي مقابلي جي حساب سان ئي تياري ڪئي آهي پر جيڪڏهن مينهن وسيو ته هو ان حساب سان منصوبابندي ڪنداسين. ڊيوڊ وارنر بابت هڪ سوال جي جواب سندس چوڻ هو ته ڊيوڊ وارنر 14 مهينن کان پوءِ ڪرڪيٽ ۾ واپس آيو آهي، هن کي پنهنجي رڌم واپس آڻڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو.آسٽريلي ٽيم طرفان پاڪستان جي دوري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ايرون فنچ چيو ته آسٽريلين ٽيم جي پاڪستاني دوري جي حوالي سان فيصلو بورڊ ڪندو آئون نه، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو گهڻو جنون آهي ۽ اهو مون کي پي سي ايل ميچن ۾ به نظر آيو، جيڪو ڪرڪيٽر پاڪستان ويندو آهي اتان جي تعريف ئي ڪندو آهي، مون کي جڏهن به موقعو مليو ته پاڪستان وڃي ضرور کيڏڻ چاهيندس.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب نه پر ڪراچي جا ڊڄندڙ رانديگر پاڻ پنهنجي زوال جا ذميوار آهن: شعيب اختر

ڪراچي: (م ڊ) اڳوڻي ٽيسٽ فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته پنجاب نه پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے