نڪور خبرون
Home / سنڌ / عوام دشمن بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏينداسين: مرتضيٰ وهاب

عوام دشمن بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏينداسين: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( مانيٽڙنگ ڊيسڪ ) صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته گرفتارين جي اڳڪٿي ثابت ڪري ٿي ته پٺيان پي ٽي آءِ آهي، عوام دشمن بجيٽ کي اسان پارليامنٽ مان پاس نه ٿيڻ ڏينداسين. صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ميڊيا سان ڳالهه  ٻولهه دوران بجيٽ تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڪالهه پي ٽي آءِ تاريخ جي عوام دشمن بجيٽ پيش ڪئي، خان صاحب جي پريس ڪانفرنس جو جواب آئون ڏيندس، جنهن ، جنهن شيءَ جو تعلق به عوام سان آهي، ان جي قيمت ۾ وڌائي وئي آهي مرتضيٰ وهاب چيو ته ماضي ۾ خان صاحب ! وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندو هو، ماضي ۾ ماهوار 1 لک رپيا ڪمائيندڙ تي ٽئڪس لڳندو هو، هاڻ ماهوار 50 هزار ڪمائڻ واري تي ٽئڪس لڳايو ويو آهي، موجودا حڪومت جي بجيٽ هر رخ کان عوام دشمن آهي.  سڌ سماءُ بابت صوبائي صلاحڪار چيو ته خان صاحب جي ڌمڪي سان مخالف ڌر پٺتي نه هٽي، خان صاحب هر هر چيو ته ڪنهن کي اين آر او نه ڏيندس، جنهن مشرف کان اين آر او ورتو اهو چئي رهيو آهي ته نه ڏيندس، اسان کي ڪو به اين آر او نه گهرجي. سندس چوڻ هو ته ٽئڪس فائيلرن کي ڇوٽ ڏني وئي ڇا اهو اين آر او ناهي؟ پي ٽي آءِ ڪنهن کي اين آر او ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ڪميشن جوڙي رهيا آهيون، جنهن جي پاڻ مانيٽرينگ ڪندس، هن سوال ڪيو ته ڇا ڏهه سالن سان  گڏ پي ٽي آءِ جي ڏهن مهينن جي به جاچ ٿيندي؟ نيڪ نيت آهيو ته هن ڪميشن جي شروعات 1999ع کان ڪريو مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعظم کي پارليامنٽ جي تقدس جو خيال رکڻ گهرجي، عوام اسان لاءِ نه پنهنجي لاءِ ٻاهر نڪرندو، اعلان ڪيو هو ته عيد کان پوءِ عوامي مهم هلائينداسين، ڪپتان چوي ٿو ته ڪينٽينر فراهم ڪندس، جڏهن اسان جا ورڪر ڊي چوڪ تي پهتا ته واٽر ڪينن کي آندو ويو. صوبائي صلاحڪار چيو ته عوام دشمن بجيٽ کي اسان پارليامنٽ مان پاس ٿيڻ نه ڏينداسين، وزيراعظم ۽ ڪابينا پريشان نظر اچي رهي آهي، ڪراچي جي ٽن اسپتان لاءِ هڪ نوٽيفڪيشن ڪڍيو ويو ، ٽنهي اسپتالن لاءِ  اڄ تائين هڪ پئسو نه ڏنو ويو . هن وڌيڪ چيو ته گرفتارين جي اڳڪٿي ثابت ڪري ٿي پٺيان پي ٽي آءِ آهي، آصف زرداري پ پ نه پاڪستان رياست جو اڳواڻ آهي، بلاول ڀٽو جيالن کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

زردارتي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، وڌيڪ ريل گاڏيون هلائيندس: شيخ رشيد

ڪراچي)مانيٽرنگ ڊيسڪ) شيخ رشيد چيو آهي ته زرداري پنهنجي ٻچي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے