Home / پاڪستان / متحده باني جو جاچ دوران پوليس کي جواب ڏيڻ کان انڪار، ايم ڪيو ايم جو باني آزاد

متحده باني جو جاچ دوران پوليس کي جواب ڏيڻ کان انڪار، ايم ڪيو ايم جو باني آزاد

لنڊن ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) برطانوي پوليس ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين کان ٻه ڪلاڪ پڇا ڳاڇا ڪئي آهي. رپورٽن موجب ايم ڪيو ايم باني کان گذريل رات برطانوي وقت موجب رات 10 کان 12 تائين پڇا ڳڇا ڪئي وئي ۽ ان دوران لنڊن پوليس کائنس سوال ڪيا جنهن جو الطاف حسين ڪو به جواب نه ڏنو. ايم ڪيو ايم باني رڳو پنهنجو نالو، پيدائش جي تاريخ ۽ گهر جو پتو پوليس کي ٻڌايو جڏهن ته پڇاڳاڇا دوران الطاف حسين جا وڪيل به ساڻس گڏ هئا. ٻئي پاسي لنڊن پوليس ايم ڪيو ايم باني کي وڌيڪ ٻارنهن ڪلاڪ قيد ۾ رکڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي، الطاف حسين جي 24 ڪلاڪن لاءِ قيد جو وقت پورو ٿيڻ کان پوءِ کيس وڌيڪ قيد ۾ رکيو ويندو جنهن لاءِ درخواست سائوٿ ورڪ پوليس اسٽيشن جي سپرنٽنڊنٽ ڏني آهي. ايم ڪيو ايم جي باني کان گذريل رات برطانوي وقت موجب رات 10 کان 12 تائين جاچ ڪئي ۽ هن کان مختلف سوال ڪيا پر ايم ڪيو ايم باني لنڊن پوليس کي سوالن جا جواب نه ڏنا.ايم ڪيو ايم باني پوليس کي رڳو پنهنجو نالو، تاريخ پيدائش ۽ گهر جي پتي جي تصديق ڪئي جڏهن ته جاچ دوران متحده باني جا وڪيل به ساڻس گڏ هئا.سان کان سواءِ پوليس ايم ڪيو ايم باني جي گهر ۽ ايم ڪيو ايم جي انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ جي تلاشي مڪمل ڪري ورتي آهي جتان متحده باني جي تقريرن بابت مواد قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي.ٻئي پاسي لنڊن پوليس متحده باني کي وڌيڪ 12 ڪلاڪ حراست ۾ رکڻ جي درخواست ڏني آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران هڪ شخص اڻ سڌي ريت اين آر او گهريو: فردوس عاشق

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے