Home / سنڌ / ارشاد رانجهاڻي جي وارثن جاچ ٽيم تي اعتراض واري ڇڏيا، خون لوڙهڻ جو خدشو ظاهر

ارشاد رانجهاڻي جي وارثن جاچ ٽيم تي اعتراض واري ڇڏيا، خون لوڙهڻ جو خدشو ظاهر

ملير ( رپورٽر) ارشاد رانجھاڻي جي وارثن جو جاچ ٽيم تي عدم اعتماد ، ايڊيشنل آءِ جي کي جاچ ٽيم تبديل ڪرڻ لاءِ وارثن جي درخواست خبر موجب ارشاد رانجھاڻي جي وارثن جو جاچ ٽيم تي عدم اعتماد ايڊيشنل آءِ جي  امير شيخ کي جاچ ٽيم فوري هٽائي ساک رکندڙ آفيسرن کي جاچ ڏيڻ لاءِ درخواست ڏني وئي آهي  ايڊوڪيٽ محمد خان شيخ ايڊووڪيٽ امير سولنگي, جي معرفت ارشاد رانجهاڻي جي ڀائرن منور ۽ خالد رانجهاڻي ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ کي تحريري درخواست ڏني جنهن ۾ وارثن موجودھ جاچ ٽيم تي ارشاد رانجھاڻي جو خون لوڙهڻ جو الزام هڻندي نئين جاچ ٽيم لاءِ ڊي آءِ جي خادم رند  ڊي آءِ جي شرجيل کرل جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي جي آءِ ٽي ۾ ايس ايس پي اظفر مهيسر ,ايس ايس پي طارق ڌاريجو,ايس ايس پي پير محمد شاه ۽ ايس ايس پي غلام شبير ميمڻ جا نالا شامل ڪرڻ جي درخواست ڏني ارشاد رانجھاڻي جي فريادي ڀاءَ خالد رانجھاڻي ۽ ان جي وڪيلن اعليٰ آفيسرن کي ارشاد رانجھاڻي جي قتل واري وڊيو پڻ ڏيکاريون ان موقعي تي  ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس ۾ ڀائرن جي وڪيل محمد خان شيخ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان کي موجودھ جاچ ٽيم تي ڪوبه ڀروسو ناهي اهي پوليس ۽ قاتل جي ڌر بڻيل آهن ان ڪري اهڙي جاچ ٽيم هوندي انصاف نه ملندو اسان ايڊيشنل آءِ جي کي نئين جاچ ٽيم لاءِ ڊي آءِ جي خادم رند  ڊي آءِ جي شرجيل کرل جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي جي آءِ ٽي ۾ ايس ايس پي اظفر مهيسر ,ايس ايس پي طارق ڌاريجو,ايس ايس پي پير محمد شاه ۽ ايس ايس پي غلام شبير ميمڻ جا نالا شامل ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي اسان جي پاران ڏنل آفيسر اڻ ڌريا آهن هو انصاف واري جاچ ڪندا هن چيو ته  وڊيو ۾ صاف صاف ظاهر آهي ته ارشاد رانجھاڻي کي نرڙ ۾ ڪابه گولي لڳل ناهي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ارشاد رانجھاڻي کي نرڙ ۾ به گولي لڳل آهي هن چيو ته اڄ ڇنڇر تي جوابدارن جو رمانڊ پورو ٿيندو ان کان اڳ جاچ ٽيم کي تبديل ڪري نئين جاچ ٽيم کي تفتيش ڏني وڃي ارشاد رانجھاڻي جي ڀاءَ منور چيو ته اسان جي ڀاءَ کي ناحق قتل ڪيو ويو اڃا تائين پوليس ڌر آهي ڪجھ جوابدار آزاد آهن انهن کي به پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هن چيو ته اسان کي عدالت تي مڪمل ڀروسو آهي ته اسان سان انصاف ٿيندو قاتلن بي گناھ اسان جو نوجوان ڀاءَ ڏيهن ڏٺي قتل ڪيو الله پاڪ اسان سان انصاف ڪندو .

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے