نڪور خبرون
Home / رانديون / پيئڻ جي پاڻي سان گاڏي ڌوئڻ تي ويرات ڪوهلي تي ڏنڊ
Mahendra Singh Dhoni of India Virat Kohli captain of India during the 3rd One Day International between India and Australia held at the Holkar Stadium in Indore on the 24th September 2017 Photo by Arjun Singh / BCCI / SPORTZPICS

پيئڻ جي پاڻي سان گاڏي ڌوئڻ تي ويرات ڪوهلي تي ڏنڊ

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي تي پيئڻ جي پاڻي سان گاڏي ڌوئڻ تي 500 رپين جو ڏنڊ لاڳوو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ورات ڪوهلي جي گروگرام ۾ قائم رهاشگاهه تي اٽڪل اڌ درجن گاڏيون آهن، ڪوهلي جي پاڙيسڙي گروگرام ميونسپل ڪارپوريشن ( GMC ) ۾ سندس خلاف شڪايت داخل ڪرائي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هزارين ليٽر پيئڻ جي پاڻي کي گاڏيون ڌوئي ضائع ڪيو پيو وڃي. شهري جي شڪايت تي ميونسپل ڪارپوريشن ڀارتي ڪپتان تي پنج سئو رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو . پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هلندڙ مهيني اتر ڀارت شديد گرمي جي لهر جاري آهي جنهنڪري علائقي ۾ پاڻي جو سخت بحران آهي، ان علائقي جي ٻين گهرن کي به اهڙي حرڪت ڪرڻ تي گروگرام ميونسپل ڪارپوريشن ڪيئي چالان ڪيا آهن. ياد رهي ته ورات ڪوهلي هن وقت انگلينڊ ۾ موجود آهي ۽ عالمي ڪپ 2019 ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتاني ڪري رهيو آهي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٽيم جا ست رانديگر تبديل ٿيندا: شعيب اختر

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته ورلڊ ڪپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے