نڪور خبرون
Home / سنڌ / پاڪستان پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ ٻيون پارٽيون به ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍي نه ٿيون سگهن : امير بخش ڀٽو

پاڪستان پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ ٻيون پارٽيون به ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍي نه ٿيون سگهن : امير بخش ڀٽو

لاڙڪاڻو(رپورٽر) پاڪستاني تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اميربخش ڀٽو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ ٻيون پارٽيون به ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍي نه ٿا سگهن پر مشڪل وقت مان نڪرڻ لاءِ مشڪل فيصلا ڪرڻ لازمي آهن جنهن سان بهتر نتيجا نڪرندا ڇاڪاڻ معيشت هڪ اهڙي شيءَ آهي جنهن جي رخ کي موڙڻ لاءِ وقت لڳندو آهي، اسين مشڪل دور مان گذري چڪا آهيون اڳتي الله ڪندو ڀلائي ڪندو. لاڙڪاڻي جي مقامي شادي هال ۾ ڊاڪٽر نورالدين ڀٽو طرفان جي ميزباني هيٺ منعقد ڪيل عيد ملن پارٽي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته معيشت جي بحالي ۽ سڌارا آڻڻ لاءِ اپوزيشن ۾ ويهي ڳالهيون ۽ دعويٰ ڪرڻ سولو آهي جنهن جو تجربو اسان کي به آهي پر جڏهن حڪومت جون ذميواريون ڪنڌن تي اينديون آهن ته انهن کي صحيح طريقي سان نڀائڻ ڏاڍي مشڪل ڳالهه آهي. هن چيو ته اپوزيشن جو حق آهي ته هو احتجاج ۽ مظاهرا ڪن پر جيڪڏهن اپوزيشن وارا احتجاج ڪري ڌرڻا هڻندا ته بسم الله، اسان به چئون ٿا ته هنن عيد جي ڏهاڙن ۾ جيڪي ڍَوَ هنيا آهن انهن جي عيد جو جوس ڊي چوڪ تي نڪرندو اسان به ڏسنداسين ۽ ملڪ به ڏسندو. ان موقعي تي حسن محمود شاهه امروٽي، ڊاڪٽر روشن علي پيچوهو، ارشاد خان جوڻيجو، بدرالدين عباسي، مير غيبي خان مغيري، محمد صالح لاکو، ابراهيم ابڙو، شير کوسو، هوت خان ميرالي، ڊاڪٽر آفتاب ڀٽو، اصغر علي ڀٽو سميت پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ وڏي انگ ۾ موجود هئا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

زردارتي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، وڌيڪ ريل گاڏيون هلائيندس: شيخ رشيد

ڪراچي)مانيٽرنگ ڊيسڪ) شيخ رشيد چيو آهي ته زرداري پنهنجي ٻچي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے