نڪور خبرون
Home / رانديون / عامر خان ۽ ڀارتي باڪسر نيرج 12 جولاءِ تي آمهون سامهون ٿيندا

عامر خان ۽ ڀارتي باڪسر نيرج 12 جولاءِ تي آمهون سامهون ٿيندا

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان ۽ ڀارتي باڪسر نيرج گويات 12 جولاءِ تي آمهون سامهون ٿيندا، مقابلو سعودي عرب جي شهر جده ۾ شيڊيول آهي. اهو پهريون مقابلو آهي جنهن ۾ عامر خان ڪنهن ڀارتي باڪسر سان مهاڏو اٽڪائي رهيو آهي. ڪراچي ۾ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي باڪسر عامر خان چيو ته سعودي حڪومت ملڪ ۾ باڪسنگ کي هٿي ڏيڻ لاءِ مقابلو ڪرائي رهي آهي، اهو مقابلو ڊبليو بي سي پرل بيلٽ لاءِ وڙهيو ويندو.عامر خان چيو ته بارڊر تي وڙهڻ بدران جيڪڏهن باڪسنگ رنگ ۾ وڙهجي ته بهتر هوندو، ڀارتي باڪسر سان مقابلي دوران ڪوشش ڪندس ته ٻئي ملڪ ويجهو اچن.عامر خان چيو ته ڪوشش ڪندس ته زندگي ۾ هڪ مقابلو پاڪستان ۾ به وڙهان، اهو ڀارتي باڪسر خلاف هجي يا ڪنهن ملڪ جي باڪسر خلاف پر مقابلو پاڪستان ۾ ٿيڻ گهرجي. هن ڪاميابي لاءِ اميد جو اظهار ڪيو.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٽيم جا ست رانديگر تبديل ٿيندا: شعيب اختر

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته ورلڊ ڪپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے