نڪور خبرون
Home / پاڪستان / غداري جا سڙتيفڪيٽ ورهائڻ سٺو نه آهي: ڪائرا

غداري جا سڙتيفڪيٽ ورهائڻ سٺو نه آهي: ڪائرا

فيصل آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته حڪومت کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گهرجي، غدارين جو سرٽيفڪيٽ ورهائڻ درست ناهي. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائره چيو ته بلاول تي الزام هڻي سياست کان ٻاهر نه ٿو ڪري سگهجي، اسان گڏجي هلڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته چون ٿا ته اين آر او گهري رهيا آهن، بار بار چئون ٿا ته ڌرڻو اسان جي پسند ناهي، بلاول ڀٽو زرداري پهرين ئي ڏينهن عمران خان کي چيو ته قدم وڌاءِ عمران خان اسان تون سان گڏ آهيون، اسان چارٽر آف معيشت ڪرڻ پئي چاهيو پر سهڪار نه ڪيو ويو.  هن چيو ته حڪومت هر معاملي تي يوٽرن وٺي ماڻهن جي زندگي ۾ ڏکيائيون پيدا نه ڪري، اسان حڪومت ڪيرائڻ نه ٿا چاهيون پر رويو درست ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته حڪومت جو رويو درست ناهي تنهن ڪري احتجاج جو فيصلو ڪيو، عوام تي مهانگائي جي وڄ ڪيرائي وئي ته اسان کي ٻاهر نڪرڻو پئجي ويو، بجيٽ اچي رهي آهي جنهن سان وڌيڪ وڄ ڪرندي. قمر زمان ڪائره چيو ته شهباز شريف مخالف ڌر جي قيادت ڪندو، حڪومت مخالف تحريڪ ڪهڙو رخ اختيار ڪري ٿي وقت ٻڌائيندو. هن چيو ته 6 ڏينهن پهريون محسن داوڙ هيرو هو، جڏهن فاٽا جي سيٽن تي بل آيو ته سڀني حمايت ڪئي، هاڻي مٿن پرڏيهي ايجنسين کان فنڊنگ جو الزام آهي، محسن داوڙ تي الزام آهي ته عدالت ٽرائل ڪيو وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

زردارتي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، وڌيڪ ريل گاڏيون هلائيندس: شيخ رشيد

ڪراچي)مانيٽرنگ ڊيسڪ) شيخ رشيد چيو آهي ته زرداري پنهنجي ٻچي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے