Home / سنڌ / حڪومت هلائڻ عمران خان جي وس جي ڳالهه ئي ناهي: منظور وساڻ

حڪومت هلائڻ عمران خان جي وس جي ڳالهه ئي ناهي: منظور وساڻ

خيرپور (ڊ ر)  پ پ اڳواڻ اسدالله شيخ پاران گمبٽ شهر ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ قائم ڪئي وئي، جنهن جو افتتاح  اڳوڻي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ ڪيو،افتتاحي تقريب ۾ پ پ ايم اين اي سيده نفيسه شاهه،صوبائي صلاحڪار نواب خان وساڻ،  ايم پي ايز نعيم کرل، منور علي وساڻ، ضلع ڪانونسل خيرپور جو چيئرمين شهريار خان وساڻ،  بئريسٽر هالار خان وساڻ، سيد حسين شاه، اعجاز کهڙو، شهداد خان ڀاڳت، نظير ڄامڙو، احسان شيخ، عبدالطيف شيخ، سميت پ پ جي اڳواڻن، سياسي سماجي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي  منظور حسين وساڻ  چيو ته  انتهائي خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي ته پهريون ڀيرو پ پ سان محبت ڪندڙ اڳواڻ اسدالله شيخ پاران گمبٽ ۾  پيپپلز سيڪريٽريٽ جو قيام رکيو ويو آهي، جٿي عوام جا مسئلا حل ڪيا ويندا، ڇو ته پ پ هميشه عوام جي خدمت تي يقين رکيو آهي،  منظور وساڻ چيو ته  ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ اسپتال هلائڻ سولو ڪم آهي، پر پاڪستان جي حڪومت هلائڻ عمران خان جي وس جي ڳالهه ئي ناهي، نه عمران خان وٽ ڪا ٽيم آهي جيڪا ڏهن مهينن جي گذرڻ باوجود عوام کي ڪو به رليف ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهن،جنهن ڪري ايندڙ سال عمران خان ملڪ ۾ نظر نه ايندو، سليڪٽڊ وزيراعظم جا ڏينهن ڳڻجڻ شروع ٿي ويا آهن، هن چيو ته اسان تي تنقيد ڪندڙ مخالفن کي به پ پ جو حڪومتي ۽ مثالي دور ياد اچي رهيو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت معيشت کي تباهه، ۽ مهانگائي واري تبديلي جو تحفو عوام کي ڏنو آهي، جنهن ڪري عوام سخت پريشان آهي،  ملڪ ۽ قوم کي پريشانين مان ڪڍڻ  ۽ ترقيءَ جي راهه تي پهچائڻ جو پروگرام فقط پ پ پ قيادت وٽ ئي آهي، منظور وساڻ چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ عوام جي طاقت سان پ پ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي  وفاق ۽ صوبن جي حڪومت ٺاهيندي جنهن جو وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران هڪ شخص اڻ سڌي ريت اين آر او گهريو: فردوس عاشق

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے