نڪور خبرون
Home / پاڪستان / مودي خطي جو ٿاڻيدار بڻجڻ چاهي ٿو: شيخ رشيد

مودي خطي جو ٿاڻيدار بڻجڻ چاهي ٿو: شيخ رشيد

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته اپوزيشن پنهنجي لٽيل دولت بچائڻ لاءِ ٻاهر نڪري رهي اهي مهانگائي ۽ بيروزگاري جا نوازشريف ۽ آصف زرداري آهن خواهش آهي ته اسد عمر واپس اچي مودي خطي جو ٿاڻيدار بڻجڻ چاهي ٿو اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي حفاظت ڪنداسين ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته سمورن مسلمانن کي عيد جون واڌايون ڏيان ٿو هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي اهي هي امتحان جا ڏينهن آهن هن چيو ته 20 لک مسافرن کي سفر ڪرايو آهي عمران خان سخت محنت ڪري رهيو آهي هن چيو ته اڪانومي ٺيڪ ڪرڻ ۾ هڪ سال لڳندو هن چيو ته عيد کان پوءِ تحريڪ هلايو اسان غلط ڪيو ته هلايو هي پنهنجي لٽيل دولت بچائڻ لاءِ ٻاهر نڪري رهيا اهن هن چيو ته ايم ايل ون سان لاهور کان راولپنڊي جو سفر 2 ڪلاڪ ٿي ويندو هن چيو ته مان وزيراعظم آڏو چيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي ان جا ذميوار نوازشريف ۽ آصف زرداري آهن شيخ رشيد احمد چيو ته ناله لئي مڪمل ڪرڻ کان پو3 سياست کان رٽائرڊ ٿي ويندس هن چيو ته حڪومت کي ۽ عوام کي اپيل ڪندس ته ميڊيا ٽرائيل ڇڏي ڏي هن چيو ته ڪشمير جي مسلمانن تي ظلم ٿي رهيو آهي ان جي مذمت ڪيان ٿو سريلنڪا ۾ مسلمانن کي گهرن مان گهيلي تشدد ڪيو پيو وڃي هن چيو ته مودي ڊاڪٽرائين مسلمانن ۽ عيسائين ۾ ويڙهه ڪرائڻ چاهي ٿو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

زردارتي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، وڌيڪ ريل گاڏيون هلائيندس: شيخ رشيد

ڪراچي)مانيٽرنگ ڊيسڪ) شيخ رشيد چيو آهي ته زرداري پنهنجي ٻچي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے