نڪور خبرون
Home / سنڌ / ڪراچي ۾ هوٽل جو کاڌو کائڻ سبب 5 ٻارڙا فوت، امڙ بي حالم 18 ڄڻا گرفتار

ڪراچي ۾ هوٽل جو کاڌو کائڻ سبب 5 ٻارڙا فوت، امڙ بي حالم 18 ڄڻا گرفتار

ڪراچي(رپورٽر ) ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب پنج ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندن امڙ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ايس پي گلشن طاهر نوراني موجب ڪوئٽا سان تعلق رکندڙ متاثر ڪٽنب صدر ۾ هڪ ريسٽورنٽ مان ماني کاڌي ۽ شروعاتي جاچ ۾ ٻارڙن جو موت فوڊ پوائزننگ لڳي ٿو. زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت ٿيل ٻارڙن جون عمرون ڏيڍ کان 9 ورهين جي وچ ۾ آهن، جڏهن ته سندن امڙ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. فوت ٿيل ٻارڙن ۾ ڏيڍ ورهين جو عبدالعلي، چئن ورهين جو عزيز فيصل، 6 ورهين جي عاليه، ستن ورهين جو توحيد ۽ 9 ورهين جي صلومي شامل آهن. واقعي کانپوءِ پوليس ريسٽورنٽ جو ڪنٽرول سنڀالي کاڌا سيل ڪري ڇڏيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر ڪٽنب ڪراچي اچڻ کان اڳ خضدار ۾ به ماني کاڌي پر رات دير سان ٻارڙن ۽ سندن پڦي جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن بعد ستن ٻارڙن کي اسٽيڊيم روڊ تي قائم خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو.  ايس پي گلشن طاهر نوراني چيو ته شروعاتي جاچ ۾ واقعو زهريلي کاڌي جو لڳي ٿو پر واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه زهريلو کاڌو کائڻ سبب پنجن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي کان رپورٽ طلب ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته اهڙي قسم جي واقعن کي برداشت نه ڪيو ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے