Home / رانديون / ويسٽ انڊيز خلاف ٻارنهن رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان، شعيب ملڪ ٻاهر

ويسٽ انڊيز خلاف ٻارنهن رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان، شعيب ملڪ ٻاهر

لنڊن: (اسپورٽس نيوز)ورلڊ ڪپ 2019ع جي ٻئين مقابلي ۽ پاڪستان جي پهرين ميچ جي لاءِ 12 رڪني قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٽرينٽ برج ناٽنگهم ۾ ورلڊ ڪپ 2019ع جي ٻئين ميچ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ سڀاڻي کيڏي ويندي جنهن جي لاءِ 12 رانديگرن جا نالا سامهون اچي ويا آهن جنهن جو باقاعدا اعلان به ڪيو ويو آهي. ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل 15 رانديگرن مان پهرين ميچ لاءِ امڪاني 12 رانديگرن ۾ تجربيڪار مڊل آرڊر بيٽسمين شعيب ملڪ، فاسٽ بالر جنيد خان ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل نه هوندا. ويسٽ انڊيز خلاف ميچ جي لاءِ 12 رڪني ٽيم ۾ امام الحق، فخرالزمان، بابر اعظم، محمد حفيظ، ڪپتان سرفراز احمد، حارث سهيل، عماد وسيم، شاداب خان، حسن علي، وهاب رياض، محمد عامر ۽ آصف علي شامل آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي: ايرون فنچ

ٽائونٽن (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ايرون فنچ چيو آهي ته پاڪستاني دوري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے