Home / پاڪستان / آرمي چيف جاسوسي جي ڏوهه ۾ٻن فوجي ۽ هڪ سولين آفيسر جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي

آرمي چيف جاسوسي جي ڏوهه ۾ٻن فوجي ۽ هڪ سولين آفيسر جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) آرمي چيف ٻن فوجي ۽ هڪ سويلين آفيسرز کي مليل سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوهه جاسوسي جي ڏوهه ۾ فوجي ۽ سويلين آفيسرز کي مليل سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. بيان موجب اهم معلومات ٻين ملڪن وٽ ليڪ ڪرڻ تي رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل جاويد اقبال کي سخت پورهئي سان گڏ 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته رٽائرڊ برگيڊيئر راجا رضوان ۽ ڊاڪٽر وسيم کي موت جي سزا ٻڌائي وئي. آءِ ايس پي آر ڄاڻايل آفيسرز ملڪ جي انتهائي اهم معلومات ٻين ملڪن وٽ ليڪ ڪئي هئي، کين پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت سزا ڏني وئي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے