Home / سنڌ / سنڌ اسيمبلي جي سليڪٽ ڪميٽي نئين پوليس ايڪٽ جو مسودو منظور ڪري ورتو: سعيد غني

سنڌ اسيمبلي جي سليڪٽ ڪميٽي نئين پوليس ايڪٽ جو مسودو منظور ڪري ورتو: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي سليڪٽ ڪميٽي نئين پوليس ايڪٽ جو قانون مسودو منظور ڪري ورتو آهي، اها ڳالهه سعيد غني اربع تي ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي، هن چيو ته مخالف ڌر جي ميمبرن قانون جي مسودي کي پڙهيو به ناهي، هي ڪٿان بريفنگ وٺي اچن ٿا ۽ ڳالهائڻ شروع ڪن ٿا، مخالف ڌر پوليس ۾ انسپيڪٽرز ۽ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر جي ڀرتين لاءِ اين ٽي ايس ۽ حڪومت پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي امتحان وٺڻ جي ڳالهه ڪئي، سعيد غني چيو ته قانون جي مسودي جي هڪ هڪ شق تي اپوزيشن کان راءِ ورتي وئي آهي، مخالف ڌر جون 90 سيڪڙو ڳالهيون مڃيون آهن، هن چيو ته اسلام آباد ۾ 1871 جو قانون هلي رهيو آهي ۽ پنجاب ۾ 2002 جو قانون هلي رهيو آهي، اپوزيشن ٻنهي قانونن تي اعتراض ڪري رهي آهي، جيڪڏهن اپوزِيشن پوليس ايڪٽ کي عدلت کڻي وئي ته اسان انهن جون تجويزون واپس وٺنداسين، هن چيو ته 185 سيڪشن ۾ اپوزيشن جي ترميمن کي شامل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته مخالف ڌر اجلاس ۾ اهو به چيو ته هي حڪومت کي ڇا ٿي ويو آهي، اسان جي ڳالهه مڃي پئي وڃي، سعيد غني چيو ته حڪومت نگراني جو اختيار پبلڪ سيفٽي ڪميشن کي ڏيڻ چاهي ٿي، اپوزيشن ان ڳالهه جي مخالفت ڪري رهيا آهن، مرتضيٰ وهاب اها دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم پاڪستان، جي ڊي اي جي ميمبرن جي 90 سيڪڙو تجويزن  تسليم ڪيو آهي، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ جاري ڪيل بيان ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته نئين قانون سان حڪومت ۽ پوليس تي چيڪ اينڊ بئلنس ٿيندو، پوليس ۽ حڪومت صوبائي ۽ ضلعي پبلڪ سيفٽي ڪميشن اڳيان جوابده هوندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے