Home / رانديون / شاهد آفريدي کي پنهنجن ڌيئرن کي آئوٽ ڊور اسپورٽس کيڏڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي سوشل ميڊيا تي تنقيد

شاهد آفريدي کي پنهنجن ڌيئرن کي آئوٽ ڊور اسپورٽس کيڏڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي سوشل ميڊيا تي تنقيد

اسلام آباد(اسپوٽس)  پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي کي پنهنجن ڌيئرن کي آئوٽ ڊور اسپورٽس کيڏڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي سوشل ميڊيا تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق شاهد آفريدي پنهنجي ڪتاب ”گيم چينجر” ۾ انڪشاف ڪيو ته هو پنهنجن ڌيئرن کي آئوٽ ڊور گيمز جي اجازت نه ٿو ڏئي، ان جي ابتڙ کين گهر ۾ هرقسم جي راند کيڏڻ جي اجازت آهي ۽ ان فيصلي ۾ سندس زال ساڻس گڏ آهي جنهن تي مٿس سوشل ميڊيا تي تنقيد ٿي رهي آهي ۽ کيس دقيانوسي ۽ روايتي پيءُ هئڻ جو خطاب ڏنو پيو وڃي. پاڪستاني ليکڪه بينا شاهه جو چوڻ  آهي ته شاهد آفريدي  جا اهڙا خيال پاڪستاني پيءُ ٿيڻ جو مثال آهن ته اهو پنهنجن ڌيئرن بابت ڪو به فيصلو ڪري سگهي ٿو ته اهي ڇا ڪن ۽ ڇا نه ڪن ۽ ڪا به شيءِ انهن کي روڪي نه ٿي سگهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بابر اعظم هڪ سئو رنسون ٺاهيندڙ ٽيون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو

سڊني (اسپورٽس نيوز) بابر اعظم گابا ۾ هڪ سئو رنسون ٺاهيندڙ ٽيون پاڪستاني رانديگر بڻجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے