نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پاڪ پتن ايراضي ڪيس، ڌرين کان 15 ڏينهن ۾ جواب طلب

پاڪ پتن ايراضي ڪيس، ڌرين کان 15 ڏينهن ۾ جواب طلب

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ پاڪپتن ايراضي ڪيس ۾ جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم جي رپورٽ تي ڌرين کان پندرهن ڏينهن ۾ جواب گهري ورتو آهي، عدالت ڪيس جي شنوائي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ قائم ٽه رڪني بينچ شنوائي ڪئي.جسٽس عمر عطا بنديال شنوائي دوران چيو ته جي آئي ٽي رپورٽ اچي چڪي آهي.جوابدار نواز شريف جي وڪيل افتخار گيلاني چيو ته جي آئي ٽي رپورٽ تي پهريان ئي اعتراض ۽ جواب داخل ڪرائي چڪا آهيون، 29 سالن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ان معاملي جو نوٽيس ورتو،ان ڪيس ۾ 1986 ۾ وڏي وزير  کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو هو.شنوائي دوران جسٽس عمر عطا بنديال معلوم ڪيو ته درٻار جي ايراضي ڇا اوقاف جي آهي يا سرڪار جي؟افتخار گيلاني عدالت کي ٻڌايو ته اوقاف کاتو صرف وقف املاڪ جي سار سنڀال ڪندو آهي،ان جي ڪابه ملڪيت نه هوندي آهي.جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سوال هي آهي ته وڏي وزير هڪ سمري تي صحيحون ڪري ايراضي هڪ خانگي ماڻهوءَ کي ڏئي ڇڏي.نوازشريف جي ٻئي وڪيل رفيق رجوانا عدالت کي ٻڌايو ته هي ايراضي گادي نشين کي صرف سار سنڀال لاءِ ڏني وئي ۽ ان اڳتي وڪرو ڪري ڇڏي.رفيق رجوانا عدالت کي ٻڌايو ته زمين واپس وٺڻ لاءِ نوٽيفڪيشن اوقاف جي سيڪريٽري جاري ڪيو،نوازشريف جو ان سموري معاملي سان سڌو ڪوبه واسطو نه هو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

مسلم ليگ (ن) کي هاڻ پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪندي ڏکڻ پنجاب صوبو بڻائڻ ڏئي: شاهه محمود قريشي

ملتان(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) کي پڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے