Home / پاڪستان / مسلم ليگ (ن) کي هاڻ پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪندي ڏکڻ پنجاب صوبو بڻائڻ ڏئي: شاهه محمود قريشي

مسلم ليگ (ن) کي هاڻ پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪندي ڏکڻ پنجاب صوبو بڻائڻ ڏئي: شاهه محمود قريشي

ملتان(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) کي پڻ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل ڏکڻ پنجاب صوبي جي ترميمي بل جي حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) کي هاڻ پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪندي ڏکڻ پنجاب صوبو بڻائڻ ڏئي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۾ تمام گهڻا ماڻهو ڏکڻ پنجاب صوبي جي حق ۾ آهن، پر (ن) ليگ جي ڪجهه ماڻهن ماضيءَ ۾ ان بل جي قيد ۾ ڦاٿل رهيا جيڪو انهن ڪيو هو. سرڪٽ هائوس ملتان ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته بهاول پور صوبو هونئن به منتقي ڳالهه نه آهي. ڏکڻ پنجاب صوبي جي جدوجهد گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهي، ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته صرف رڳو ٽن ضلعن تي ٻڌل صوبو بڻائي سگهجي، ان جي ڌار اسيمبلي ۽ سينيٽ جون پڻ سيٽون هجن، اهڙيءَ طرح ڳالهه کي اڳتي وڌندي ڏسڻ ۾ نٿي اچي. شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ جو آئين ۾ ترميم بل پيش ڪيو آهي اهو آئين جي آرٽيڪل هڪ، آرٽيڪل 51، 59، 106، 198 ۽ 218 ۾ ترميم تجويز ڪئي وئي آهي، انهن آرٽيڪلن ۾ ترميمن کانپوءِ ڏکڻ پنجاب صوبو حقيقت جو روپ اختيار ڪندو. شاهه محمود قريشي چيو ته ڏکڻ پنجاب جي عوام الڳ صوبي جي واعدي تي اسان کي مينڊيٽ ڏنو آهي. هن چيو ته طارق بشير چيما اسان جو دوست آهي، (ق) ليگ جي قيادت کي متحده صوبي جي قيام لاءِ اعتماد ۾ ورتو ويندو. هن چيو ته پهرين جولاءِ تائين ڏکڻ پنجاب سيڪريٽري پڻ فعال ٿي ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے