نڪور خبرون
Home / پاڪستان / لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عبدالعليم خان جي ضمانت جي درخواست منظور. 10 لک جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عبدالعليم خان جي ضمانت جي درخواست منظور. 10 لک جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت

لاهور(م ڊ)  لاهور هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ عبدالعليم خان جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت عبدالعليم خان کي 10 لک جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، نيب طرفان عبدالعليم خان جي مبينا شڪي بئنڪ ٽرانزيڪشنز ۽ سيڙپڪاري جو تفصيل عدالت ۾پيش ڪيو ويو. نيب جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته عبدالعليم خان جي آمدني جي ذريعن ۽ خرچن ۾ توازن ناهي، ڪيئي ملين جا اثاثا ظاهر نه ڪيا ويا، مختلف ملڪن مان آف شور ڪمپنين جي حوالي سان رڪارڊ گهرائي رهيا آهيون، وصول ٿيڻ تي ريفرنس فائل ڪيو ويندو. عبدالعليم خان جي وڪيلن چيو ته ڪنهن کي به اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ جيل ۾ بند نه ٿو رکي سگهجي، آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو الزام غلط آهي، عبدالعليم خان جا آمدني جا ذريعا جيڪڏهن انهن جي اثاثن کان وڌيڪ آهن ته نيب ڪيس هلائي، اسان منهن ڏينداسين پر عدالت کي استدعا آهي ته عبدالعليم خان کي آزاد ڪري. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته عبدالعليم خان 2002ع  ۾ چونڊ وڙهي، ان وقت ان جا اثاثا 5.4 ملين هئا. وزير بڻجڻ بعد سندس اثاثن ۾ اضافو ٿيو. عبدالعليم خان کي سندس والدين طرفان پرڏيهه مان جيڪي رقمون آيون ، هيل تائين  ان جو ثبوت ناهي ڏنو ويو ۽ نه ئي اڄ تائين اهو ٻڌايو ويو ته ٻاهرين ملڪ مان اهي رقمون ڪنهن موڪليون.  عدالت وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو ٻڌائيندي عبدالعليم خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ پتن ايراضي ڪيس، ڌرين کان 15 ڏينهن ۾ جواب طلب

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ پاڪپتن ايراضي ڪيس ۾ جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم جي رپورٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے