نڪور خبرون
Home / رانديون / اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر سليم يوسف به محمد عامر جي حمايت ڪري ڇڏي

اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر سليم يوسف به محمد عامر جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي ( اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر سليم يوسف به عالمي ڪپ ۾ محمدعامر جي ٽيم ۾ شموليت جي حمايت ڪري ڇڏي. اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر چيو آهي ته انگلينڊ جي ڪنڊيشن ۾ عامر جو پاڪستان ٽيم هئڻ گرين شرٽس  کي فائدو ڏيندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي سليم يوسف چيو ته عالمي ڪپ کان اڳ هڪ سٺي ميچ پاڪستان ٽيم کي مومينٽم ڏئي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته ٻي ون ڊي ٽيم جي ڪارڪردگي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي اٿم، پاڪستاني ٽيم سٺو مقابلو ڪيو، اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر ٽيم کي مشورو ڏيندي چيو ته ٽيم کي عالمي ڪپ ۾ ڊپ بدران بهادري سان مخالفن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. سليم يوسف چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ٽيم انگلنيڊ جهڙي نمبر ون سائيڊ خلاف ٻي اننگز ۾ ٽي سئو پلس رنسون ڪري سگهي ٿي ته پوءِ اها ٽيم ميچون به کٽي سگهي ٿي.  هن چيو ته عالمي ڪپ ۾ اها ٽيم کي سوڀاري ٿيندي جنهن وٽ پاور هٽر هوندا، سليم يوسف جو چوڻ هو ته محمد عامر جو اسڪواڊ ۾ هئڻ پاڪستان لاءِ ئي فائديمند هوندو.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميتو بريٽيني هنگرين اوپن ٽينس مينز سنگلز ٽورنامنٽ کٽي ورتو

بڊاپسٽ (اسپوٽس) ميتو برٽيني هنگرين اوپن ٽينس ٽورنامنٽ مينز سينگلز ايونٽ کٽي ورتوآهي . هن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے