نڪور خبرون
Home / پاڪستان / اڳوڻن حڪمرانن جي پاليسين سبب آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻو پيو: فروس عاشق

اڳوڻن حڪمرانن جي پاليسين سبب آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻو پيو: فروس عاشق

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ملڪي مفاد ۾ جيترا ڏکيا فيصلا عمران خان ڪيا ٻيو ڪو سوچي نه ٿو سگهي، حڪومت اقتصادي حالتن جي بهتري لاءِ آءِ يم ايف سان معاهدو ڪيو، اهڙو پروگرام تيار ڪيو ويندو جو ايم آءِ اف وٽ نه وڃڻو پوي. ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان هميشه پاڪستان جي مفاد کي مٿڀرو رکيو،  وزيراعظم پنهنجي سياست کي نه پر ملڪي مفاد کي اوليت ڏني. هن چيو ته حڪومت اقتصادي حالتن جي بهتري لاءِ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو، وزيراعظم جي ويزن موجب ڪمزور طبقن جي حقن جي حفاظت ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته احساس پروگرام کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي، غريب عوام وزيراعظم عمران خان جي دل جي ويجهو آهي، غريبن تي مهانگائي جو بار پوڻ نه ڏينداسين، سڌارن تي ڪم ڪري اقتصادي حالتن کي بهتر ڪيو ويندو، اهڙو پروگرام بڻايو ويندو جو اڳتي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو نه پوي.  فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪمرانن جي بدانتظامي ۽ بدعنواني سبب معاشي بحران پيدا ٿيو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت پنهنجي سڌارن جي پروگرام ذريعي معاشي چئلينجن تي جلد ضابطو آڻيندي، پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي منزل حاصل ڪندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے