والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ بربريت خلاف عالمي طاقتن به آواز اُٿاريو ڇڏيو

لنڊن ( م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ بربريت خلاف عالمي طاقتن به آواز اُٿاريو ڇڏيو. برطانوي پارليامنٽ باڊي جي جاري ڪيل رپورٽ ڀارت جي ڪردار کي وائکو ڪري ڇڏيو. برطانوي پارليامنٽ باڊي جي رپورٽ موجب ڪشمير ۾ جاري بربريت جي پٺيان ڀارتي رياست ملوث آهي. برطانوي سياستدانن ڪشمير جي صورتحال تي جاري ڪيل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڪشمير ۾ سرعام، انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، برطانوي اڳواڻن جي رپورٽ ۾ ڀارت کي فوري طور تي والاريل ڪشمير مان پنهنجي فوج جي مقرري کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ پرتشدد ڪاروائيون ڪندڙن کي رياستي تحفظ حاصل آهي. رپورٽ ۾ پيلٽ گن جو استعمال روڪڻ ته به زور ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڀارت کان غير انساني ڪاروائيون فوري طور بند ڪرڻ ۽ ڪاري قانون کي ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي جڏهن ته رپورٽ ۾ ڪشمير جي گم ڪيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ ۽ ظلم ۽ بربريت ۾ ملوث ڀارتي فوجين تي ڪيس هلائڻ جو اپيل ڪئي وئي آهي. آل پارٽي پاليمنٽري ڪشمير گروپ جي رپورٽ ۾ اجتماعي قبرن جي لاشن جو فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائڻ ۽ متاثرن جي وارثن کي مڪمل تحفظ ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*