Prime Minister Imran Khan addressing nation from PM Office Islamabad on 31st October, 2018

عدالتي فيصلي خلاف روڊن تي نڪتل ملڪ دشمن آهن: عمران خان

اسلام آباد ) مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو ڪوبه قانون قرآن ۽ سنت خلاف نه ٿو وڃي سگهي، سپريم ڪورٽ قانون موجب فيصلو ڏنو آهي. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته منهنجا پاڪستانيو مان اڄ اوهان جي سامهون صرف ان لاءِ آيو آهيان ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي هڪ ننڍي طبي جهڙي طرح ٻولي استعمال ڪئي ان  تي مان اوهان سان ڳالهائڻ جي لاءِ مجبور آهيان. هن چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو، پاڪستان ۾ ڪوبه قانون قرآن ۽ سنت جي خلاف نه ٿو ٺهي سگهي. عمران خان چيو ته فيصلي کانپوءِ اهو چوڻ ته سپريم ڪورٽ جا جج واجب القتل آهن ۽ آرمي چيف غير مسلم آهي، جنرلز ۽ فوج کي چوڻ ته هو آرمي چيف جي خلاف بغاوت ڪن، مان سمجهان ٿو ته انسان جو ايمان مڪمل ئي ناهي جيستائين هو حضور نبي ڪريم صه سان عشق نه رکي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اسان ڊچ پارليامينٽ کان گستاخ خاڪن جو مقابلو ملتوي ڪرايو، ان تي او آءِ سي سان رابطو ڪيو، اهو اسان عملي طور تي ڪري ڏيکاريو آهي اسان نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي نه ٿا ڪري سگهون. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح ڪهڙو ملڪ هلي سگهي ٿو جڏهن چيو وڃي ته سپريم ڪورٽ کي قتل ڪري ڇڏيو؟ آرمي چيف کي قتل ڪري ڇڏيو؟. هن چيو ته هينئر تائين مون ۽ منهنجي ڪابينا هڪ موڪل ناهي ڪئي ۽ ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. عمران خان چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو پسند نه اچي ته رستا بند ڪري ڇڏيو ته ايئن ڪوبه ملڪ هلي سگهي ٿو؟ عوام سندن ڳالهين ۾ نه اچي، اها ڪا اسلام دوستي نه پئي ٿئي پر ملڪ دشمن اهڙيون ڳالهين ڪندا آهن. وزيراعظم چيو ته عوام انهن جي ڳالهين ۾ نه اچي جيڪي پنهنجي سياست چمڪائڻ جي لاءِ ۽ ووٽ بينڪ وڌائڻ جي لاءِ ايئن ڪري رهيا آهن، رستا بند ڪرڻ سان عوام جو نقصان ٿي  رهيو آهي. هن چيو ته مان ايئن ڪرڻ وارن کي اپيل ڪريان ٿو ته هو اسان کي ان طرف نه وٺي وڃن جو رياست ايڪشن وٺڻ تي مجبور ٿي وڃي، اسان ملڪ ۾ ڀڃ ڊاهه ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان ڪا ڀڃ ڊاهه نه ٿيڻ ڏينداسين ۽ ٽريفڪ رڪجڻ نه ڏينداسين، احتجاج ڪندڙ رياست نه ٽڪرائين، ٻي صورت ۾ رياست پنهنجي ذميواري پوري ڪندي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندي.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*