اين آر او تي لعنت وجهان ٿو، وزير اعظم ٻڌائي ته سهولت ڪنهن گهري آهي؟: شهباز شريف

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته اين آر او تي لعنت وجهان ٿو ۽ وزيراعظم ايوان ۾ اچي ٻڌائي تي کائنس ڪڏهن، ڪنهن ۽ ڪهڙي شاهد جي موجودگي ۾ اين آر او گهريو آهي ۽ جيڪڏهن ان اهو ثابت ڪري ڏيکاريون ته مان سدائين لاءِ سياست ڇڏي ڏيندس ٻي صورت ۾ قائد ايوان عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ تي ايوان ۾ معافي گهري.  قومي اسمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته قائد ايوان عمران خان چوي ٿو ته ڪن کولي ٻڌو اين آر او نه ملندو، کائنس ڪير پڇي هن کان اين آر او ڪڏهن، ڪنهن ۽ ڪهڙي تاريخ تي گهريو؟  ڪير شاهد هو جنهن جي سامهون اين آر او جي درخواست ڪئي وئي؟ وزيراعظم  ايوان ۾ اچي ان ڳالهه جو جواب ڏئي.  هن چيو ته شاهدي انڪري گهري رهيو آهي ته وزيراعظم ڳالهه ڪري پوئتي هٽي ويندو آهي، يوٽرن وٺندو آهي ۽ جواب ناهي ڏيندو، مون تي پاناما ۾ رشوت سميت ٻيا الزام مڙهيا ويا ۽ اڄ تائين عدالت ناهي آيو، هو روپوش آهي، ايوان ۾ اچي ٻڌائي ته عدالت جو مقابلو نٿو ڪري سگهان هاڻ ڪوڙ ڳالهايو آهي معافي گهران ٿو. مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته وزيراعظم هڪ ڀيرو وري سو سيڪڙو غلط بياني کان ڪم ورتو، جيڪڏهن هو ثابت ڪري ڏيکاري پر شاهد ضروري آهي، اسان کي سندس ڳالهين تي يقين ناهي، هي ثابت ڪري ڏيکاري ته اين آر او جي سفارش ڪئي وئي آهي ته ان ايوان کي شاهد بڻائي چوان ٿو ته سدائين لاءِ سياست ڇڏي ڏيندس ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه غلط ثابت ٿي ته قائد ايوان ان هائوس ۾ اچي معافي وٺي. شهباز شريف چيو ته اين آر او تي لعنت وجهان ٿو، ڪوڙا ڪيس ماضي ۾ برداشت ڪيا ۽ اڄ به ڪري رهيا آهيون، ڌمڪين سان ڊيڄاري نٿا سگهن، هي سر الله جي ذات اڳيان جهڪندو آهي انهن حڪمرانن اڳيان نه جهڪندو، رڳو پاڪستان لاءِ ڪٽجندو. شهباز شريف چيوته وزيراعظم پنهنجن دوستن ۽ حوارين کي اين آر او ڏنو، انهن جو مطلب جيڪڏهن اسان کي ڊيڄارڻ آهي ته پوءِ اهي وڏي خوش فهمي جو شڪار آهن، کين ڪهڙي اميد آهي اسان انهن ڏانهن وڃون، خدا اسان جو محافظ آهي، اسان گڏجي ڪري پاڪستان کي عظيم بڻائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته ن ليگ ۽ ٻين مخالف ڌر پارٽين خلاف نيب ۽ پي ٽي آءِ جو ناپاڪ ڳٺ جوڙ آهي، نيب جيڪي زيادتيون ڪري رهي آهي ان جي پاڪستان جو ٻچو ٻچو شاهدي ڏئي رهيو آهي، عمران خان پاڻ هيلي ڪاپٽر ڪيس ۾ جوابدار آهي، چيئرمين نيب هن سان ملازم جي حيثيت ۾ مليو يا وزيراعظم جي؟ نيب چيئرمين کي ڪنهن اختيار ڏنو ته هو هڪ جوابدار سان ملي؟ عمران خان قائد ايوان ۽ مان مخالف ڌر اڳواڻ آهي آهيان ته پوءِ هو مونسان به ملي، کين خدا جو خوف ناهي هي قوم کي ڌوکو ڏئي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته اڄ نيب 70 ماڻهن جي لسٽ ڇاپي آهي، انهن ۾ چئني صوبن جا نالا آهن، هو سڀ ڪوڙ آهي، سعد رفيق ٻڏندڙ ريلوي کي هلايو، اڄ کيس روزاني نيب جا نوٽيس ملي رهي آهي، سعودي عرب سان جيڪو پيڪيج آيو ان ۾ وزير طور خواجه آصف جون به محنتون شامل آهن، اڄ کيس به ڊيڄاريو پيو وڃي، هي ملڪ ائين نه هلندو، پي ٽي آءِ کي من مستيون ۽ ظلم ڪرڻ نه ڏينداسين.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*