آصف زرداري جي حڪومت کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ

اسلام آباد (رپورٽ: زاهد ڪورائي) پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زردري چيو آهي ته حڪومت کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. قومي اسمبلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي آصف علي زرداري چيو ته اسان حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، 5 سالن دوران اسان حڪومت سان سهڪار ڪنداسين، ميان صاحب سان به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هئاسين بلڪل اهڙي طرح هن حڪومت سان به ڪم ڪرڻ لاءِ  آهيون پر شرط اها آهي ته جيڪو ڪم جو پيمانو هجي اهو انصاف تي ٻڌل هجي. آصف زرداري چيو ته اسان هڪ ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، جهموريت ۾ ڪمزوريون ضرور آهن، سڀ ويهي ڪري هڪ حل تجويز ڪيون جنهن سان اسان پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍي سگهون، جيڪڏهن اسان توجهه نه ڏينداسين ته مسئلا وڌندا ويندا. آصف علي زرداري چيو ته مان سي پيڪ جو نظريو سوچو، جيڪڏهن گوادر پورٽ کي ڪڍي ڇڏيو ته سي پيڪ جو ڇا ٿو ٺهي، پاڪستان جي ترقي جو سڀ کان ننڍو رستو سي پيڪ آهي پر اسان کي پاڪستان کي مضبوط بڻائڻو آهي. آصف علي زرداري چيو ته پاڻي جو مسئلو بنيادي طور تي انساني حقن جو معاملو آهي، ڪراچي جي آبادي 3 ڪروڙ آهي، جن مان هڪ ڪروڙ بهاري، بنگالي ۽ خيبرپختونخوا کان ايندڙ دوست آهن. آصف علي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي ته ڪڻڪ ۽ کنڊ جي درآمد ڪئي پئي وئي،  اسان سنڌ ۾ دراوڙ ڊيم ٺاهيو، هڪ ايڪڙ تي تقريبن هڪ لک 24 هزار گيلن پاڻي هر فصل کي ڏيندا آهيون جيڪڏهن ايترو پاڻي فصل کي ڏنو وڃي ها ته ڪيترو پاڻي بچائي سگهجي پيو.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*