آسيه بيبي توهين رسالت ڪيس مان بري، فيصلي خلاف ملڪگير ڌرڻا

اسلام آباد/ ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان توهين رسالت جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ماڻيندڙ مسيحي عورت آسيه بي بي کي مڪمل ثبوت نه هئڻ جي بنياد تي آزاد ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني خاص بئنچ توهين رسالت جي الزام ۾ موت جي سزا ماڻيندڙ آسيه بي بي جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو . اعليٰ عدالت پنهنجي فيصلي ۾ حڪم ڏنو ته آسيه بي بي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل ناهي تي کيس آزاد ڪيو وڃي. 56 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس ثاقب نثار تحرير ڪيو، جنهن جي شروعات ڪلمه شهادت سان ڪئي وئي جڏهن ته فيصلي ۾ ڪيئي قراني آيتون ۽ علامه اقبال شعر حوالي طور ڏنا ويا. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ باچا خان يونيورسٽي ۾ توهين جي الزام ۾ قتل ڪيل شاگرد مشعال خان جو به حوالو ڏنو. چيف جسٽس فيصلي ۾ لکيو ته هي قانون هي مسلمه اصول آهي ته جيڪو شخص ڪليم( دعويٰ) ڪري ٿو ته ان کي ثابت ڪرڻ به ان جي ذميواري هوندي آهي، اها فريادي جي ذميواري هوندي آهي ته هو سموري ڪاورائي ۾ جوابدار جي ڪيل ڏوهه کي هر قسم جي شڪ ۽ شهبي کان هٽي ڪري واضح طور تي ثابت ڪري، سموري ڪاورائي دوران ڪيس ۾ جوبدار جي به ڏوهه هئڻ جي افواهه سدائين رهندي آهي، جيستائين فريادي ثبوتن جي بنياد تي هر طرح جي شڪ شهبي کان هٽي ڪري جوابدار جي ڪيل ڏوهه کي ثابت نه ڪري. عدالتي فيصلي موجب جتي به فريادي جي ڪهاڻي ۾ ڪو جهول هوندو آهي ته ان جو فائدو جوابدار کي ملڻ گهرجي، جيڪو فوجداري انصاف جي محفوظ فراهمي لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي. جسٽس ثاقب نثار لکيو ته شڪ ڪيترو به مضبوط هجي، ڪنهن به طور تي فوجداري ڪيس ۾ ثبوت جي جاءِ نٿو والاري سگهي، جوابدار ۽ شاهد/ شڪايت گذار جي وچ ۾ اختلاف جي موجودگي ۾ عام طور تي ڏوهي يا بي ڏوهي هئڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ اعليٰ ترين معيارِ ثبوت جي ضرورت هوندي آهي،  جيڪڏهن فريادي جا شاهد جوابدار لاءِ مخالفت رکن ٿا ته ته اهو شڪ جي فائدي جي اصول جي بنياد تي بريت جو حقدار هوندو آهي. آخر ۾ چيف جسٽس پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته مٿي ذڪر ڪيل سببن جي بنياد تي اها اپيل منظور ڪئي ويندي آهي، اعليٰ عدالت ۽ شروعاتي ٻڌڻين جي عدالتي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويندو آهي. نتيجي طور درخواست گذار کي ڏنل سزا کي ڪالعدم قرار ڏنو ويندو آهي ۽ کيس سمورن الزامن کان آجو قرار ڏنو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ٻين فوجداري ڪيسن ۾ ان کي قيد رکڻ جو مقصد ناهي ته ان کي فوري طور تي جيل مان آزاد ڪيو ويندو .جسٽس آصف سعيد کوسا پنهنجي نوٽ ۾ لکيو ته ڪيس ۾ واقعي هر رخ بابت فريادي طرفان پيش ڪيل ثبوتن ۾ واضح ۽ يقيني تڪرار سان افسوس جوڳو  ۽ ناقابل انڪار تاثر قائم ٿيندو آهي انهن سمورن فردن، جن جي ذميواري ثبوت گڏ ڪرڻ ۽ جاچ ڪرڻ هو، ملي ڀڳت سان اهو طئي ڪيو ته اهي سچ نه ڳالهائيندا يا گهٽ ۾ گهٽ سچ کي نروار ٿيڻ نه ڏيندا. هن وڌيڪ لکيو ته جيڪڏهن ڪيس ۾ درخواست گذار خلاف مڙهيل الزامن ۾ ٿوري به سچائي آهي، تڏهن به فريادي جي ثبوتن ۾ بيان ڪيل سنگين تڪرار واضح طور تي ظاهر ڪن ٿا ته ڪيس ۾ سچائي کي ڪيترن ئي اهڙين ڳالهين جوڙيو ويو، جيڪي سچ ناهن،واضح رهي ته 2009ع ۾ پنجاب جي ضلعي شيخوپوره ۾ اهو واقعو پيش آيو، جڏهن ٻنين ۾ ڪم ڪندڙن ٻن مسلم عورتن جو عيسائي عورت آسيه بي بي سان جهيڙو ٿيو، جنهن بعد آسيه بي بي تي الزام لڳايو ويو ته هن پيغمبر اسلام خلاف گٿا لفظ ڳالهايا آهن، جنهن بعد آسيه بي بي خلاف ڳوٺ جي امام مسجد قاري سلام پوليس وٽ ڪيس داخل ڪرايو، اي ايف آر موجب آسيه بي بي توهين مذهب جو اقرار به ڪيو. جنهن بعد 2010ع ۾ ٽرائل ڪورٽ آسيه بي بي توهين رسالت جي ڏوهه ۾ 295 تحت موت جي سزا ٻڌائي، جنهن کي هن 2014ع لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو، پر اتي به فيصلو برقرار رکيو ويو، ان بعد هن سپريم ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪيون هيون، جنهن تي سپريم ڪورٽ 8 آڪٽوبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ پاران توهين رسالت ڪيس مان آسيه بي بي کي بري ڪرڻ خلاف ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مذهبي جماعتن جا ڏنڊا ڪارڪن ٿي روڊن تي نڪري آيا، ڀڃ ڊاهه، احتجاجي مظاهرا، ڪالهه صبح سپريم ڪورٽ پاران آسيه بي بي جي حق ۾ فيصلو ٻڌائڻ شرط ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي، ڪراچي جي نمائش چورنگي، بلدياٽائون نمبر 4- 5 شير شاهه، مچڪو، اورنگي ٽائون نمبر 5، سرجاڻي ٽائون فور ڪي چورنگي، لياري ايڪسپريس وي، اسٽار گيٽ، شاهراه فيصل، سهراب ڳوٺ، الاآصف اسڪوائر، بلوچ ڪالوني،  ۽ ٻين علائقن ۾ ڏنڊا بردار ماڻهو روڊن تي نڪري آيا زبردستي ڪاروبار بند ڪرائڻ سان گڏ مختلف روڊن تي ڌرڻا هڻي ٽريفڪ پڻ معطل ڪري ڇڏي، ايم جناح روڊ ڌرڻي سبب بلاڪ رهيو، جڏهن ته مخلتف علائقن ۾ ڀٿراءُ ڪري گاڏين ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، مذهبي تنظيمن پاران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڌرڻا هڻن ۽ حالتون خراب ڪرڻ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز کي الرٽ رکيو ويو، بڪتر بند گاڏيون، واٽر ڪين ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس کي پڻ مظاهرين ۽ وڳوڙين تي استعال لاءِ تيار رکيو ويو، ڪراچي جي اهم عمارتن، مشنري اسڪولن، سنڌ سيڪريٽريٽ، سنڌ اسميبلي، گورنر هائوس، سي ايم هائوس ۽ ٻين اهم هنڌن جي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي،  گهوٽڪي ۾ سرحد، ڏهرڪي، ميرپورماٿيلو، عادلپور، اوٻاوڙو، خانپورمهر، جروار، دادلغاري، حيات پتافي، ريتي، مريدشاخ، ڪمون، شھيد ۽ ننڍن وڏن شھرن ۾ مذهبي ڌرين، سياسي سماجي تنظيمن، پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍيون ويو، جنهن کي خطاب ڪندي مولوي غلام رسول ڪلهوڙو، قاري نديم چنه، سخي جان چاچڙ، مولوي غلام غلام حسين چنه، ذوالفقار لکڻ، صابرملڪ، ابوذرلکڻ  امداد سومرو ۽ ٻين چيو  خطاب ڪيو، سکر ۾ گستاخ رسول صه آسيه جي سزا معطل ڪرڻ واري عمل خلاف جي يو پي، تحريڪ لبيڪ يا رسول الله ۽ جي يو آءِ سکر پاران الڳ الڳ احتجاجي ريليون ۽ ڌرڻا هنيا ويا، چيف جسٽس آف پاڪستان کان گستاخي رسول صه آسيه جي سزا کي برقرار رکڻ جي گهر، ان سلسلي ۾ جي يو پي سکر پاران ڄاڻايل عمل خلاف سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي جي قيادت مشرف محمود قادري، مولانا امير الحسن، مولانا نعمان خان، صاحبزاده حامد محمود، مولانا ساجد الرحمان ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا،  ميرپورخاص ۾  مذھبي جمائتن پاران شھر ۾ هڙتال ڪرائي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ماتلي ۾ سپريم ڪورٽ پاران توھين رسالت واري ڪيس مان آسيا بيبي کي بري ڪرڻ خلاف ماتلي ۾ شھرين پاران ريلي ڪڍي شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪرائي پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو ويو. نويد حسين، شاھد غوري، محمد علي، عبدالشڪور، امتياز، اڪرم شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاھي بازار مان جامع مسجد چوڪ وٽان ريلي ڪڍي ويئي. ميرپور ماٿيلي ۾ توهين رسالت ڪندڙ آسيه بيبي جي آزادي خلاف جي يو آءِ ضلع گهوٽڪي پاران ميرپور ماٿيلو ۾ احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، آسيه بيبي جي خلاف ڇتي نعريبازي، ٻيهر گرفتار ڪرڻ جو مطالبو، تفصيل موجب توهين رسالت ڪندڙ آسيه بيبي جي آزادي خلاف جي يو آءِ ضلع گهوٽڪي پاران ميرپور ماٿيلو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،. سانگهڙ ۾ چيمبر آف ڪامرس ۽مذهبي تنظيمن پاران سپريم ڪورٽ  پاران آسيا مسيع کي آزاد ڪرڻ خلاف سانگهڙ ۾ سمورو ڪاروبار بند ڪري  احتتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي چيمبر آف ڪامرس ملڪ شير محمد مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن رئيس گڊو ڀائي اختر قريشي حافظ عبدالرزاق قريشي انيس احمد ۽ ٻين ريلي کي خطاب  ڪيو.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*