پاڪستان کان ٻاهرين ملڪن۾ملڪيتون رکندڙ 100ماڻهن کي پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد(رپورٽ: زاهد ڪورائي )سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثارپاڪستان کان ٻاهرين ملڪن۾ملڪيتون رکندڙ100ماڻهن کي عدالت۾پيش ڪرڻ جوحڪم ڏئي ڇڏيو. خميس ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثارجي سربراهي۾پاڪستانين جي ٻاهرين ملڪن۾ اڪائونٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،جنهن جي سلسلي۾ چيئرمين ايف بي آرعدالت۾پيش ٿيو.اعليٰ عدالت ايف بي آر چيئرمين کان گري ڪميونيڪيشن بابت سوال ڪيو۽چيف جسٽس پڇيوته توهان انڊين ڊي ٽي ايڇ جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِڇاڪري رهياآهيو.ايف بي آرچيئرمين چيوته ڪسٽم عملداراچي رهياآهن اهي ان باري۾ٻڌائيندا،جڏهن ته اٽارني جنرل چيوته ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي ڪجهه وڌيڪ وقت ڏنووڃي.چيف جسٽس پاڪستان چيوته ڊي جي ايف آءِاي بشيرميمڻ ٻڌايوته هڪ هزارارب جي ملڪيتن جي نشاندهي ٿي وئي آهي،هاڻي انهن کي واپس آڻڻ ڪنهن جي ذميواري آهي،انهن مان 100ماڻهن کي عدالت۾پيش ڪيو.چيف جسٽس ثاقب نثارريمارڪس ڏناته ڪهڙا 20 ماڻهوآهن،جن کي اسان طلب ڪري پڇون ته اهي ملڪيتون ڪيئن ٺاهيون،اسان کي لنڊن،دبئي۽ٻين ملڪن جي باري۾ معلومات گهرجي.ان موقعي تي ڊي جي ايف آءِاي عدالت کي ٻڌايوته 150 ماڻهن مڃيوآهي ته اسان جون ملڪيتون آهن.اٽارني جنرل ٻڌايوته ٻاهرين ملڪ ملڪيتون رکندڙ894 ماڻهوآهن،چيف جسٽس اٽارني جنرل سان مڪالموڪيوته جيڪڏهن قانون۾ گهٽتائي آهي ته ترميم ڪيو.ٻڌڻي دوران ايف آءِاي جائدادن بابت سپريم ڪورٽ ۾عبوري رپورٽ جمع ڪرائي.رپورٽ مطابق سياسي شخصيتون۽انهن سان لاڳاپيل35ماڻهن جون دبئي۾ ملڪيتون آهن،ايف آءِاي3570پاڪستانين خلاف جاچ شروع ڪئي،انهن ماڻهن دبئي۾هڪ هزار15ارب رپين جون غيرقانوني ملڪيتون ٺاهيون. رپورٽ ۾ٻڌايوويوته9بي نامي ماڻهن جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي،150اميرترين ماڻهن جي نشاندهي ٿي آهي،جن جي ملڪيتن جي قيمت30ارب رپياآهي.ايمنسٽي اسڪيم مان فائدووٺندڙ386ماڻهن خلاف جاچ روڪي وئي آهي، دبئي۾374 ملڪيتون رکندڙن ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم 2018ع مان فائدوورتو.ايف آءِ اي جي رپورٽ موجب 150ماڻهن تسليم ڪيوته انهن ٽيڪس گوشوارن۾ملڪيتون لڪايون،674ماڻهن ايف آءِ اي۾حلفيه بيان داخل ڪرايو،900 پاڪستاني دبئي۾غير قانوني ملڪيتون رکن ٿا،ايمنسٽي اسڪيم مان فائدوکڻندڙ44 ماڻهونيب۾ڪيسن کي منهن ڏئي رهياآهن،200ماڻهن حلفيه بيان ۾ ملڪيتون ظاهرنه ڪيون پرايمنسٽي اسڪيمن مان فائدوناهي کنيو.2500 ماڻهوهلندڙسال جون۾ايمنسٽي چاهين پياپرايف بي آر شرط نه مڃيا،عملدارن حڪومت کان هڪ ٻي ايمنسٽي اسڪيم آڻڻ جي سفارش به ڪئي هئي.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*