وطن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهيون، فوج اثرائتو ڪردار پئي نڀائي: آرمي چيف

راولپنڊي ( م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪيو ۽ ايل او سي جي اڳلن مورچن تي مقرر جوانن سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي جوانن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته پاڪ فوج خطي ۾ امن ۽ استحڪام تي يقين رکندي اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪ فوج خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ضامن آهي، اسان مادر وطن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهيون ۽ ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا.آرمي چيف چيو ته ڪشمير هڪ حل جوڳو مسئلو آهي، اسان ڪشميري عوام جي تاريخي موقف تي انهن سان گڏ بيٺل آهيون.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*