Prime Minister Imran Khan meeting with His Majesty Salman bin Abdulaziz, Custodian of the Two Holy Mosques and King of Saudi Arabia, in Riyadh on October 23, 2018

سعودي عرب پاران پاڪستان کي 3 ارب ڊالرن جو تيل اوڌر تي ڏيڻ جو فيصلو

رياض (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي عرب پاڪستان کي لڳ ڀڳ 3 ارب ڊالرن جو تيل اوڌر تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر ماليت جو تيل اوڌر تي وٺڻ جي معاهدي تي عمل 3 سالن لاءِ هوندو. سعودي عرب طرفان 3 ارب ڊالر ماليت جو تيل ساليانو ڏنو ويندو، هڪ سال کانپوءِ معاهدي جو جائزو ورتو ويندو ۽ سعودي عرب مجموعي طور پاڪستان کي ٽن ورهين ۾ 3 ارب ڊالر ماليت جو تيل اوڌر تي ڏيندو. پڌرائيءَ موجب سعودي عرب پاڪستان ۾ آئل ريفائري منصوبو لڳائڻ تي به راضي ٿي ويو آهي ۽ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ منصوبي جي معاهدي تي صحيحون ٿينديون. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سعودي عرب پاڪستان جي اڪائونٽن ۾ 3 ارب ڊالر رکڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ معدني وسيلن جي ڳولا لاءِ به سعودي عرب دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، وفاق ۽ بلوچستان حڪومت معدني وسيلن جي ڳولا لاءِ معاملا طئي ڪنديون. ذريعن موجب رقم پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ رکڻ سان پاڪستان ۾ ڏي وٺ جي ذخيرن تي دٻاءَ ۾ گهٽتائي ايندي، معاهدي کانپوءِ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي ملهه ۾ به استحڪام ايندو. پاڪ سعودي معاهدي جي حوالي سان سعودي وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*