آئين اجازت نه ٿو ڏي ته صوبن جو حصو گهٽايو وڃي، گهٽ عقل وارا اهڙيون ڳالهيون پيا ڪن: وڏو وزير

سکر / نئون ديرو(رپورٽر) سنڌ جي ڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن ملڪ جو وزير اعظم ۽ ان جا وفاقي وزير اچي غير جمهوري ڳالهيون ڪن ته اسان اين ايف سي ايوارڊ کي رول بيڪ ڪيون ٿا ۽ صوبن جا شيئر گهٽايون ٿا جنهن جي آئين ۾ ڪا گنجائش ئي نه آهي. آئين موجب صوبن جو هر دفعي شيئر وڌائي سگهجي ٿو پر گهٽائي نٿو سگهجي. ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ان سان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته جمهوريت پسند قوتون انهن ۾ وزير اعظم جو جماعتون شامل نٿيون ٿين. مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ستين ورسيءَ جي موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي بيگم نصرت ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي جنهن بعد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي ستين ورسيءَ تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ڳڙهي خدابخش ڀٽو آيا آهيون. بيگم نصرت ڀٽو جون جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ڏنل قربانيون ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن. بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي حياتيءَ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ بقا خاطر پنهنجي مڙس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سميت پنهنجا ٻئي پٽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ نياڻي محترمه بينظير ڀٽو قربان ڪري ڇڏي. هن چيو ته هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان اها دعا ڪنداسين ته حڪومت نه پر اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪن. حڪومت ۾ جيڪڏهن تبديلي اچي ٿي ته اهو جمهوريت جو حصو آهي. اسان اهو ضرور چاهينداسين ته اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ پهريون ڀيرو 2008ع کان 2018ع تائين اسيمبلين پنهنجو مدو پورو ڪيو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هڪ بيمار قيديءَ کي جيڪي سهولتون ملڻ گهرجن ان کي اهي سهولتون سنڌ حڪومت ڏيندي. جي آءِ ٽي جو هڪڙو آرڊر منهنجي سامهون آهي جنهن ۾ صاف چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي پنهنجي ڳالهه خفيه رکندي ۽ ميڊيا يا ٻئي ڪنهن ماڻهو کي نه ٻڌائيندي. اسان جي پارٽي مٿان اڪثر ڪوڙا ڪيس داخل ٿيندا رهيا آهن. شهيد بينظير ڀٽو مٿان به ڪيترائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي به ڪوڙي ڪيس ۾ شهيدڪيو ويو جنهن جو اڄ عدالتون پاڻ اعتراف ڪري رهيون آهن. پيپلز پارٽي کي هاڻي ڪوڙن ڪيسن جي عادت پئجي وئي آهي. شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ بغير ڪنهن ڏوهه جي هن 9 سال قيد ڪاٽيو. سرڪاري کاتن ۾ ميرٽ جي بنياد تي جلد نوڪريون ڏينداسين ۽ روزگار لاءِ ٻيا به وسيلا ڪتب آڻينداسين. وفاقي حڪومت جي پاليسين جو وڏو اثر صوبائي حڪومتن تي پئي ٿو. گئس ۽ بجليءَ جون قيمتون وڌايون ويون جنهن ڪري به مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي. پاليسيون وفاقي حڪومتون جوڙن ٿيون ۽ ان کي ڊيل وري صوبائي حڪومتن کي ڪرڻو پئي ٿو ڇاڪاڻ جو صوبائي حڪومتون عوام کي گهڻو ويجهو ٿين ٿيون. اسان پنهنجو آئيني ڪردار نڀائينداسين ۽ عوام کي روزگار جون سهولتون مهيا ڪري ڏينداسين. اسان ڪوشش ڪنداسين ته اسان وٽ جيترا وسائلن آهن ان مطابق مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪريون. سارين جي اگهن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سارين تي ڪڻڪ جيان سبسڊي نٿا ڏئي سگهون. هن وقت سارين جو اگهه مناسب آهي مان پاڻ سارين جو آبادگار آهيان. اسان ڪوشش ڪنداسين ته آبادگارن کي پنهنجي فصلن جون مناسب قيمتون ملي سگهن ان ۾ اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. ان موقعي تي صوبائي وزير شبير بجاراڻي، صوبائي وزير مڪيش چاول، پ پ لاڙڪاڻي ڊويزن جو صدر ايم اين اي اعجاز جکراڻي، ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*