ڪوڙا اڪائونٽ ڪيس: سنڌ سرڪار مٿان سهڪار نه ڪرڻ جا الزام

اسلام آباد (  رپورٽ: زاهد ڪورائي ) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ جي آءِ ٽي پنهنجي ٻي اڳڀرائي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي ۽ گڏيل جاچ ٽيم جي سربراهه عدالت کي ۾ انڪشاف ڪيو ته جعلي اڪائونٽس کان شروع ٿيل سلسلو نهايت ڳنڀير مني لانڊرنگ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي جڏهن ته سنڌ سرڪار جاچ ۾ سهڪار نه ڪري رهي آهي.  سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ مبينا جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ گڏيل جاچ ٽيم پنهنجي ٻي اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽي جي سربراهه عدالت ۾ انڪشاف ڪيو ته جعلي اڪائونٽس کان شروع ٿيل معاملو نهايت ڳنڀير مني لانڊرنگ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، معاملو هڪ کرب کان وڌيڪ ڪاٿي تائين پهتو آهي، ڳنڀير طريقن سان عام ماڻهن ۽ مرحومين جي اڪائونٽس ۾ رقم منتقل ڪئي وئي، فالودو وڪرو ڪندڙ، رڪشا ڊرائيور جي اڪائونت ۾ اربين رپيه موڪليا ويا. جي آءِ ٽي جي سربراهه عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪجهه ماڻهن جي موت جي ٻن سالن بعد سندن اڪائونٽس ۾ اربين رپيه وڌا ويا، 47 ارب رپيه ماڻهن جڏهن ته 54 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ڪمپنين جي اڪائونٽس ۾ وڌي وئي، سنڌ سرڪار جاچ ۾ سهڪار نه ڪري رهي آهي، لاڳاپيل رڪارڊ فراهم نه ٿو ڪيو وڃي. جي آءِ ٽي سربراهه جي بيان تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته جي آءِ ٽي اسان کان 2008ع کان حڪومت جو ڪيل هر ٺاهه گهري رهي آهي،  جي آءِ ٽي جي ڏنل 46 نالن ۾ رڳو 6 ٺاهه رڪارڊ ۾ دستياب ٿي سگهيا آهن، هي ڪنهن ڪمري کي رنگ ڪرائڻ جي ٺاهه جي ڪاپي به گهري رهيا آهن، سمورن سرڪاري ڪانٽريڪٽس جو رڪارڊ هڪ هنڌ موجود ناهي. ايڊووڪيٽ جنرل جي موقف تي چيف جسٽس چيو ته هلندڙ هفتي 26 اپريل تي ڪراچي ايندس، چيف سيڪريٽري سميت سهڪار نه ڪندڙ سمورين سيڪريٽري لاڳاپيل رڪارڊ سميت حاضر ٿين، رڪارڊ نه مليو ته ڏسنداسين، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين آفيسرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪرڻي آهي. ٻڌڻي دوران انور مجيد جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته انور مجيد کي دل جي بيماري آهي، جيل ڊاڪٽر کيس اسپتال موڪلڻ جي درخواست ڪئي آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته مون کي سنڌ جي ڪنهن ڊاڪٽر جي رپورٽ تي اعتبار ناهيم، جسٽس ثاقب نثار ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي خبر آهي ته هڪ صاحب کي پائلز آهي هو اسپتال ۾ داخل ٿي علاج ڪرائي رهيو آهي، توهان کي خبر آهي ته هو ڪٿي هوندو آهي، هو ڏينهن جو سپرنٽنڊنٽ جي ڪمري ۾ ۽ رات جو وري سندس گهر هوندو آهي. اومني گروپ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته انور مجيد کي 1999ع ۾ آمريڪا ۾ دل جو اسٽنٽ وڌو ويو، چيف جسٽس چيو ته دل جي تڪليف آهي ته کيس راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي وٺي وڃو، اومني گروپ جي وڪيل چيو ته ڪهڙو سبب آهي جو عدالت 77 ورهين جي ماڻهو جي ميڊيڪل رپورٽ تي اعتبار نه ڪري رهي آهي. جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته  ڇو اعتبار ڪيو، هي شخص اربين رپين جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي. اومني گروپ جي وڪيل چيو ته عدالت جي حڪم سبب سندس علاج نه پيو ڪيو وڃي، انور مجيد کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي. چيف جسٽس اومني گروپ جي وڪيل جي اپيل رد ڪندي رمارڪس ڏيندي چيو ته اندر هجي ته ڪمبل ۾ سمجهيل رهندو آهي ۽ ٻاهر هجي ته آفيس جا سمورا ڪم ڪندو آهي، انور مجيد جي زندگي کي ڪو به خطرو ناهي، هو سنڌ سرڪار جو پيارو آهي، سنڌ حڪومت وارا سندس وڌيڪ خيال رکندا. چيف جسٽس چيو ته انور مجيد کي بهترين علاج فراهم ڪنداسين، راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي وٽ سي ايم ايڇ ۾ داخل ڪرايون ٿا، کرب پتي ماڻهو آهن، هتي 50، 50 ڪنال جا 100 گهر خريد ڪري سگهن ٿا، هاڻي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني ته ٻارڙن کان وڏن تائين سڀ ٻاهر هليا ويندا. اومني گروپ جي وڪيل چيو ته سندس اصيل ڪراچي ۾ رهڻ چاهي ٿو. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته انور مجيد جو اسلام آباد مان علاج ٿي وڃي ته ڪهڙي ڳالهه آهي، کيس اڊيالا جيل منتقل ڪيون ٿا. اومني گروپ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته  انور مجيد جي صحت سفر ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏي، چيف جسٽس چيو ته ايئر ايمبولينس ۾ کڻي اچون ٿا، سندس علاج لاءِ ڊاڪٽر به مقرر ڪيون ٿا. چيف جسٽس بيمار ماڻهن جو ميڊيڪل سي ايم ايڇ اي مان ڪرائي رپورٽ ڪراچي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي به 26 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اومني گروپ جي وڪيل شاهد حامد عدالت کي درخواست ڪئي ته اومني گروپ جا بئنڪ اڪائونٽ کوليا وڃن، ملازمن کي پگهار ڏيڻي هوندي آهي، جيڪي اڪائونٽس مجمند ٿيا اهي جعلي نه هئا، بئنڪ اڪائونٽس منجمند ڪرڻ معيشت ۽ ملڪ جو نقصان آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته 91 ارب رپين جو پتو لڳائڻ تائين اسان ملون نه کولينداسين.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*