نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي سزا معطلي وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، ان جي ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي محمد صفدر کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مليل سزا خلاف اپيل تي 19 سيپٽمبر تي فيصلو ٻڌائيندي ٽنهي جي سزا معطل ڪري ڇڏي ۽ ٽنهي ئي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته نيب عدالتي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو. نجي ٽي وي مطابق نيب نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي سزا معطل ڪرڻ واري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 19 سيپٽمبر واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.نيب پاران داخل ڪرايل اپيل ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ ڪيس جي شاهدين جو صحيح نموني سان جائزو ناهي ورتو، هاءِ ڪورٽ اپيل سان گڏ سزا معطلي واريون درخواستون ٻڌڻ جو حڪم ڏنو هو، هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪمنامي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.نيب جي اپيل ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*