پاڪستان پاران آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ 17 رڪني ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان، محمد عامر ڊراپ

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ 17 رڪني قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، محمد عامر ٽيم مان ڊراپ جڏهن ته مير حمزه ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. تفصيل موجب پي سي بي آسٽريليا خلاف 17 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽيم ۾ فاسٽ بالر محمد عامر جي جاءِ تي وهاب رياض ۽ مير حمزهکي موقعو ڏنو ويو آهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ اظهر علي، فخر زمان، امام الحق، بابراعظم، اسد شفيق، حارث سهيل، عثمال صلاح الدين، ڪپتان سرفراز احمد، ياسر شاهه، شاداب خان، بلال آصف، محمد عباس، حسن علي، وهاب رياض، فهيم اشرف، مير حمزه ۽ محمد رضوان شامل آهن. پي سي بي جي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو ته ٽيم جي چونڊ گڏيل عرف امارات جي ڪنڊيشن کي ڏسي ڪئي وئي آهي، محمد عامر کي ڊراپ ڪري وهاب رياض ۽ مير حمزه کي موقعو ڏنو ويو آهي. انضمام الحق وڌيڪ چيو ته يو اي اي جي پچز کي نظر ۾ رکي ٽيم ۾ 3 اسپنر شامل ڪيا ويا آهن، هن جو چوڻ هو ته محمد رضوا ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ ڪم بيڪ ڪيو آهي.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*