فواد چوڌري اپوزيشن اڳواڻن تي الزام لڳائڻ کان پوءِ معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد ( رپورٽ: زاهد ڪورائي) وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران دونهيندار تقرير ڪئي، جنهن تي احتجاج طور اپوزيشن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، جنهن بعد هن مخالف ڌر جي ڪارڪنن کان معافي وٺي ڇڏي.قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ وزير اطلاعات فواد ڇوڌري پنهنجي ٽويٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته خورشِيد شاهه ريڊيو پاڪستان ۾ 3 ڏينهن دوران 8 سئو ماڻهو ڀرتي ڪيا، جنهن خلاف خورشيد شاهه ايوان ۾ استحقاق واري تحريڪ به پيش ڪئي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته اطلاعات واري اپوزيشن ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ٽويٽ جو دفاع ڪيو. هن اپوزيشن جي سيٽن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هي ماڻهو پاڪستان کي لٽي ڦڙي کائي ويا آهن، هنن پي آئي اي، اسٽيل مل ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ پنهنجي “چمچن” کي ڀرتي ڪيو. هن چيو ته خورشيد شاهه پي آئي اي ۾ سوين ماڻهو ڀرتي ڪرايا، مشاهد الله خان پنهنجي ڀا ۽ ڪزن کي پي آئي اي ۾ اهم عهدن تي مقرر ڪرايو ۽ اسان کي چيو پيو وڃي ته چندي حڪومت هلائي پئي وڃي.فواد چوڌري چيو ته ڌاڙيل کي ڌاڙيل چونداسين ته هنن ماڻهن کي ڪاوڙ ٿي لڳي، جنهن طريقي سان ٻن ٽن ڏهاڪن کان ملڪ هلايو ويو، ائين ملڪ ناهي هلندو. جنهن تي اسپيڪر فواد چوڌري کي ٽوڪيو ته فواد چوڌري کيس جواب ڏنو ته توهان ڀلي هنن سان محبت جواظهار ڪيو، هي داستان ماڻهو ٻڌڻ چاهين ٿا، منهنجي ڳالهه پوري ٿيڻ ڏيو. فواد چوڌري چيو ته ملڪ کان ٻاهر ٽيڪسي هلائڻ واري کي ڊي جي ريڊيو پاڪستان مقرر ڪيو ويو، سمورن چورن جو سخت احتساب ٿيڻ گهرجي، جنهن تي اسپيڪر چيو ته توهان احتساب لاءِ قانون سازي ڪيو، ته فواد چوڌري چيو ته قانون موجود آهي، ان تي عملدرآمد ناهي ٿيو. اطلاعات واري وزير جي اهڙي تقرير بعد اپوزيشن جي ڪارڪنن سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ته ايوان مان ڪري هليا ويا.ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته چونڊيل ميمبرن جي عزت هوندي آهي، ذميوار وزير خراب ٻولي استعمال ڪئي، اهو نه ٿو چوان ٿو لفظ استعمال ڪندڙ شخص خراب آهي، پر لفظ خراب استعمال ڪيا ويا. خورشيد شاهه چيو ته مجرو جاٿي ٿيندو آهي، اهو سڀني کي خبر هوندي آهي، اهو سوشل ميڊيا تي به ايندو آهي، وزير ايوان کان معافي وٺي، جيستائين معافي نه وٺندو، تيستائين ايوان ۾ نه اينداسين. ن ليگ جي صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف به چيو ته ڄاڻايل وزير معافي وٺي، نه ته مجبورن اسان کي به واڪ آئوٽ ڪرڻو پوندو.اسيمبلي ميمبرن کي پرچائڻ لاءِ وزير پيٽروليم غلام سرور خان ۽ وزير مملڪت  علي محمد ويا، جنهن بعد هو ٻيهر ايوان ۾ اچي ويٺا، ڪارروائي ٻيهر شروع ٿي ته اطلاعات واري وزير فواد چوڌري پنهنجي سيٽ تي بيهي چيو ته اپوزيشن ليڊر شهباز شريف حڪم ڪيو، جنهن تي خورشيد شاهه ۽ ٻين کان معافي وٺان ٿو

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*