ضياءَ ۽ مشرف جا جيل ڏٺا آهن، عمران جي جيل به وڃڻ لاءِ تيار آهيون: بلاول

اسلام آباد ( م ڊ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ حڪومت،سليڪٽڊ وزيراعظم ۽ سليڪٽڊ وزير آهن، اسان ضياءَ ۽ مشرف جا جيل  ڏٺا آهن، عمران خان جي جيل به وڃڻ لاءِ تيار آهيون. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت جي مني بجيٽ سان غريب بدران بليڪ مارڪيٽنگ ۽ عمران خان جي اي ٽي ايم مشينن کي فائدو ٿيو آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ ڪابه نئين شيءَ يا انقلابي ڪم نظر نه آيو، روزگار جا وڏا واعدا ڪيا ويا پر حڪومت جي پاليسين سان بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته سوچي رهيو هيس اسد عمر عوام دوست بجيٽ آڻيندو پر بجيٽ ۾ نان ٽيڪس فائلر کي فائدو ٿيو ۽ نان فائلر کي فائدو ڏيڻ ڪنهن اسڪينڊل کان گهٽ ناهي، جڏهن ته بجلي ۽ گئس جي قيمت ۾ اضافي سان غريب گهڻو متاثر ٿيندو. پ پ چيئرمين چيو ته تحريڪ انصاف جي منصوبابندي ۽ حڪمت عملي ڪٿي آهي، مني بجيٽ مان مايوسي ٿي آهي، اهو مني ڊرامو آهي، جيڪا پي ٽي آءِ جي عادت آهي، هي ڪنداسين هو، ڪنداسين، ڪٿي آهن اهي منصوبا، حڪومت جي ڪابه منصوبابندي ناهي. هن چيو ته مني بجيٽ ۾ ميڊيل اوزارن جي قيمت گهٽ ڪري سٺو ڪم ڪيو ويو پر ڪرنٽ بجيٽ خسارو گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گاڏين ۽ مينهن جي نيلامي سان پاڪستان جو مذاق اڏايو پيو وڃي. هن چيو ته سي پيڪ بابت غير ذميواراڻا بيان ڏنا ويا، چين سان سڌي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، سعودي عرب جي دوري ۾ حڪومت کي ڇا مليو اڃا تائين ڪجهه نه ٻڌايو ويو آهي.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*