سنڌ اسيمبلي ۾ هنگامو، متحده ۽ پ پ جا هڪ ٻئي تي الزام، اپوزيشن جو واڪ آئوٽ

ڪراچي(رپورٽ: واحد موسى ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پاڪستان پيپلزپارٽي جي آغا تيمور ٽالپر ايوان آڏو سينيٽ چونڊن۾ هارس ٽرڊينگ جو اعتراف ڪندي چيو ته جنهن ميمبر پيپلزپارٽي کي سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ وڪرو ڪيو اهو ميمبر اڄ به هن ايوان ۾ ويٺو آهي جنهن بعد ايوان ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جو هنگامو ٿي ويو ۽ نصرت سحر عباسي تيمور ٽالپر جي اعترافي بيان تي سخت احتجاج ڪيو جنهن تي تيمور ٽالپر نصرت سحر کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان چمچاگيري بند ڪيو توکي ٻيهر مخصوص سيٽن تي ٽڪيٽ ملي ويندي. جنهن تي مخالف ڌر ۽ حڪومتي ڌر ۾ گوڙ ٿي ويو ۽ ايوان مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳو ۽ مخالف ڌر وارا ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ٻاهر هليا ويا ، تيمور ٽالپر جي اهڙي بيان بعد اپوزيشن جماعتن تيمور ٽالپر جي ووٽ خريد ڪرڻ جي اعترافي ويڊيو اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو . ايوان کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آئي ۽ جي ڊي اي ميمبرن فردوس شيمم نقوي ، نصرت سحر عباسي، حليم عادل شيخ ۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي جي تيمور ٽالپر ايوان جي فلور تي ووٽ خريد ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيون ٿا ته پ پ جي ايم پي اي تيمور ٽالپر جي اعترافي بيان جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ اسان پيپلز پارٽي جي ميمبر جو اعترافي بيان اليڪشن ڪميشن کي ڏينداسين، هنن تيمور ٽالپر تي هڪ ٻيو سنگين الزام لڳايو  ۽ چيو ته تيمور ٽالپر جڏهن پنهنجي تڪ ۾ هوندو آهي ته والدين پنهنجي نياڻين کي اسڪول نه موڪليندا آهن نصرت سحر عباسي چيو ته  تيمور ٽالپر منهنجي مڙس کي ملازمت ڏيڻ جا طعنه هڻي رهيو آهي کيس شرم اچڻ کپي ڇا منهنجو مڙس هن ڌرتي جوء باشندو ناهي ڇا ؟.هن وڌيڪ چيو ته ووٽ خريد ڪرڻ وارا  اڄ ڪهڙي منهن سان ٻين تي الزام لڳائي رهيا آهن اسان انهن جي ڪرتوتن جي خلاف هر فورم تي آواز اٿارينداسين.ان کان اڳ نصرت سحر عباسي ايوان ۾ بجيٽ تي ڳالهائيندي چيو ته چيو ويندوهو مان ايندڙ اسيمبلي ۾ نه رهنديس پر اڄ خدا جي قدرت آھي اڄ  هو ايوان ۾ نه آهي.  هن چيو ته سنڌ جي بجيٽ بيورو ڪريسي جي بجيٽ آهي هاڻي حڪومت کي اسپغول ڏيڻو پوندو ، هن چيو ته 14 سؤ ارب ڪيڏانهن ويا آهن؟ ڇا سنڌ جي سموري بجيٽ لانچن ۾ لنڊن موڪلي وئي، هتان پنج گريڊ جي ملازمن کي ڪوئي ٽي ايم او ۽ سي ايم او جو پي ايس مقرر ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ماڻهو پڇندا آهن ته ڏائڻ ڪٿي آهي جو 90 ارب کائي وئي ڪرپشن جي راند ختم ٿيڻ واري آهي اڃان ته اهڙا ميمبر به هن ايوان ۾ آهن جو 3 مهينن اندر گم ٿيڻ وارا آهن بحريا ٽائون کي سنڌ جي زمين ڇو ڏني وئي، ڪي فور جو منصوبو به هاڻي بحريه ٽائون کي ڏنو ويو آهي هارين جي سبسڊي به اومني گروپ کي ڏني وئي بارداڻو به اومني گروپ کان ورتو ويو آهي ۽ انور مجيد کي فائده ڏنو ويو آهي ٽريڪٽر اسڪيم ۾ به ڪرپشن ڪئي وئي  هن وڌيڪ چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز کي به روڊن تي گيهليو ويو عمر ڪوٽ ۾ ڇوڪريون به صرف اسڪول ان جي ڪري وينديون آهن ته ٻه گلاس پاڻي ته ملندو سنڌ صوبي جي ڪنهن به شهيد سان انصاف نه ڪيو ويو.ايوان ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومتي ڌر جي ميمبرن ۾ منهن ماري ۽ گوڙ کان تنگ ٿي سنڌ اسيمبلي جو  اسپيڪر آغا سراج دراني به ڪاوڙجي پيو هن ميمبرن طرفان  هڪٻئي مٿان الزامن وارن خطاب تي جذباتي ٿيندي چيو ته اڄ اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير نه پر ايوان کي جلسو گاهه بڻائي ڇڏيو اٿؤ جيڪڏهن توهان کي ائين ڪرڻو آهي ته  پوءَ جلسا ڪندا رهو.جنهن بعد اسپيڪر اجلاس اڄ صبح تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. پ پ جي سهيل انور سيال اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي هڪ ڀڳوڙي انڊيا وڃي پاڪستان خلاف تقرير ڪئي ، سنڌ ۾ نفرتون پيدا ڪرڻ وارا حقن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن جن کي سنڌ جي عوام گهر ڏنا نوڪريون ڏنيون اهي سنڌ جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن . هن چيو ته  پ پ خلاف ڳالهائڻ وارن جو اڄ منهن بند ٿي ويو آهي اڄ انهن جو ايوان ۾ اپوزيشن ليڊر به ناهي.هن چيو ته 12 مئي جو واقعو ڪنهن ڪرايو ان وقت گهرو وزير به ايم ڪيو ايم جو هيو جيڪو به سنڌ ۾ رهي ٿو اهو سنڌي آهي  جيڪو پهريون پاڻ کي سنڌي تسليم ڪري پو۽ سنڌ بابت ڳالهائي. هن چيو ته سي پيڪ منصوبو به آصف زرداري جو آهي آصف زرداري صدر هوندي پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏئي ڇڏيا  ڇا ٿيو مشرف جو جيڪو آرثيڪل 6 تحت گهربل آهي. هن چيو ته عمران خان چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏنيون ويندون پر هن محل تائين هڪ به نوڪري نه ڏني وئي آهي ، ڪراچي به سنڌ وارن جو ئي آهي ڪنهن ٻئي جو ناهي ، اڄ به سنڌ جو امن امان ڪي پي کان بهتر آهي ،  ڪراچي ۾ بوري بند لاش ڏنا ويا ،هن چيو ته  پاڻي آهي ئي ڪون ته پو۽ ڊيم ڪٿان ڀربا ، پي ٽي آ۽ جي حڪومت هڪ ڪروڙ مان هن محل تائين هڪ به نوڪري ناهي ڏني صرف هڪ نوڪري ڏني آهي اها به ذالفي بخاري کي ڏني وئي آهي .

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*