ايڪشن، ڊرامه ۽ ايڊوينچر سان ڀرپور ”ٺگز آف هندوستان“ جو شاندار ٽريلر جاري

ممبئي(شوبز نيوز) يش راج فلمز جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلم ٺگز آف هندوستان جو ٽريلر اڄ باليووڊ فلم انڊسٽري جي وڏي نالي يش ڇوپڙا جي سالگره تي پيش ڪيو ويو آهي. ٽريلر 3 منٽ 38 سيڪنڊن تي مشتمل آهي، جيڪو هن وقت تائين 50 لک ويوز تي پهچي ويو آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اميتاڀ، خدابخش جي ڪردار ۾ انگريزن سان آزادي لاءِ ويڙهاند ڪري رهيو آهي، جڏهن ته فاطمه ثنا شيخ زفيره جي ڪردار ۾ ساڻس گڏ آهي. ٽريلر ۾ مسٽر پرفيڪٽ عامر خان فرنگي ملاح جي ڪردار شرارتي نظر اچي ٿو، جتي هو انگريزن جي مهري طور به ڏيکاريو ويو آهي. ٻئي طرف ڪترينه ڪيف، ثريا جي ڪردار ۾ عامر خان سان رومانس ۽ ايڪشن ڪندي ڏيکاري وئي آهي. ٽريلر لانچ ۾ عامر خان، اميتاڀ بچن، ڪترينه ڪيف ۽ فاطمه ثنا شيخ شرڪت ڪئي ۽ فلم مان حاصل ٿيل تجربي بابت خيال ونڊيا. فلم هلندڙ سال ديوالي جي موقعي 8 نومبر تي سينيمار گهرن ۾ لڳائي ويندي.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*