ايشيا ڪپ 2018ع جو تاج ڪنهن جي مٿي تي سجندو، اڄ بنگالي ٽائيگرز ۽ ڀارتي سورمن وچ ۾ دنگل

دبئي(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ 2018 جو تاج ڪنهن جي مٿي، اڄ فائينل ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ دنگل. ايشيا ڪپ جي فائينل ميچ ۾ اڄ بنگالي ٽائيگرز ۽ ڀارتي سورما هڪ ٻئي جو پاڻي ڪڇيندا. ايشيا ڪپ ۾ هڪ طرف آهي ڀارت جي ٽيم جيڪا بنا ڪنهن شڪست جي فائينل تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي. جڏهن ته ٻي ٽيم بنگلاديش جي آهي جيڪا سيمي فائينل ۾ پاڪستان کي 37 رنسن تان هارائي فائينل ۾ جاءِ ٺاهي. ڀارت کي فائينل ۾ ڪاميابيءَ لاءِ فيوريٽ قرار ڏنو پيو وڃي، پر بنگلاديش اپ سيٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ڀارت ايشيا ڪپ جي رائونڊ ميچن ۾ بنا ڪا ميچ هارائڻ جي سپر فور مرحلي ۾ پهتي رائونڊ ميچ ۾ ڀارت مضبوط سمجهي ويندڙ ٽيم پاڪستان کي شڪست ڏني ۽ آسانيءَ سان سپر فور مرحلي ۾ داخل ٿي وئي، سپر فور مرحلي ۾ ڀارت بنگلاديش کي شڪست ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته پاڪستان کي سپر فور مرحلي ۾ ٻيو ڀيرو به هارائي سڌي ريت فائينل ۾ پهچي وئي، جڏهن ته افغانين ڀارت سان زبردست مقابلو ڪيو ۽ ميچ ٽاءِ ڪرائي. بنگلاديش سپر فور رائونڊ ميچن ۾ افغانستان هٿان شڪست کائي چڪو، سپر فور مرحلي ۾ ڀارت به کيس هارايو، جڏهن ته سپر فور مرحلي ۾ بنگالي ٽائيگرز افغانستان کي شڪست ڏئي مرحلي جي آخري ميچ جنهن کي سيمي فائينل جو درجو حاصل هو ان ۾ پاڪستان کي 37 رنسن تان شڪست ڏئي فائينل ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي. اڄ فائينل ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. ميچ پاڪستاني وقت موجب شام جو ساڍي 4 وڳي کيڏي ويندي.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*