امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج ۽ قوم تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن: آرمي چيف

راولپنڊي( م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آمريڪا جي ناظم الامور پال جونز ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقي سلامتي واري صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آمريڪا جي ناظم الامور پال جونز آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي ناظم الامور آرمي چيف سان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. پال جونز علائقائي سلامتي صورتحال خاص ڪري افغانستان جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. آمريڪي ناظم الامور خطي ۾ تڪرار روڪڻ لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي قبوليو ۽ ساراهيو. ٻئي طرف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج ۽ قوم تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، قوم جي حمايت سان دهشتگرديءَ جو جٽادار نموني خاتمو ڪيو ويو آهي.  ايئر يونيورسٽيءَ ۾ سڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن چيو ته سمورن خطرن کي مضبوطي پاليسي ذريعي منهن ڏئي سگهجي ٿي. سندس چوڻ هو ته خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته امن قائم ڪرڻ لاءِ هٿياربند فوج تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، قوم جي حمايت سان دهشتگرديءَ جو جٽادار نموني خاتمو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪ فوج سوشل اڪنامڪ صورتحال ۾ بهتري آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. سندس چوڻ هو ته دهشتگرديءَ کي قوم جي حمايت سان مڪمل طور ختم ڪنداسين. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*